اسان کي سنڌ جو متحرڪ وڏو وزير گهرجي

رپورٽون آهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي رمضان شريف جي مهيني ۾ عام واهپي جي شيئن جي وڌايل غير معمولي اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي ڪمشنر 6 کان 9 مارچ تائين منافعي خورن خلاف ڪيل آپريشن جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ قيمتن جي جاچ ڪئي وئي ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف ڏنڊ لڳايو ويو.

جيڪڏهن اها خبر درست آهي ته اسان سنڌ جي وڏي وزير جي اها درست رخ ۾ کنيل وک سمجهنداسين جيڪا گڊ گورننس ڏانهن کيس وٺي ويندي. اسان پهريون به ايڊيٽوريل ۾ لکي چُڪا آهيون ته سيد مراد علي شاهه جو گذريل وڏ وزارت وارو دور ڪمزور حڪومت وارو دور رهيو آهي جنهن ۾ حڪومتي رٽ نه هئڻ جي برابر هئي، لاقانونيت اوج تي هئي. موبائل فونن جي ڦرن ۾ گهٽتائي ته نه آئي ويتر ڦورن ماڻهن کي گوليون هڻي مارڻ به شروع ڪيو هو، ڪچي ۾ ڌاڙيلن مڪمل طور تي قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو هو، انساني حقن جي ڀڃڪڙي چوٽ چڙهي وئي هئي، انصاف ۽ قانون جي بلڪل به بالادستي نه هئي. ان سان گڏ واپارين ۽ دڪاندارن جو پنهنجي طور تي شيئن جي اگهن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ ڪرڻ وارو لاڙو ڳڻتي جي حد تائين وڌي ويو هو.

هاڻي جڏهن مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بڻيو آهي ته اميد ڪئي پئي وئي ته هو گذريل تجربي جي روشني ۾ بيحد متحرڪ ۽ ڪامياب ترين وڏو وزير بڻجي ڏيکاريندو پر اهڙي توقع تي مراد علي شاهه کان وڌيڪ پنجاب جي پهريون ڀيرو ٿيل عورت وزيراعليٰ مريم نواز پورو لهندي نظر اچي رهي آهي. باوجود ان جي ته ان کي وڏ وزارت جو ڪو تجربو به ناهي پر ڳالهه هوندي آهي ارادن ۽ نيت جي. مريم نواز شروعات ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته وڏ وزارت ۾ سندس مقابلو مخالفن سان نه پر پنهنجي والد نواز شريف ۽ چاچا شهباز شريف سان آهي. مطلب ته هو پنهنجي وڏ وزارت جو هڪ معيار طئي ڪيو آهي ۽ ان تي پورو لهڻ جي شروعات ڪري ڏني اٿائين.

مراد علي شاهه جو والد سيد عبدالله شاهه به سنڌ جي ڪامياب وڏن وزيرن ۾ ليکيو ويندو آهي ان حساب سان مراد علي شاهه کي پنهنجي والد جي وڏ وزارت واري ورثي کي معيار بڻائڻ گهرجي پر اهو نظر نٿو اچي. هاڻي به جڏهن سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻيو آهي ته سندس حڪومت جي شروعات ۾ ئي رمضان مهيني جي موقعي تي روايتي طور تي عام واهپي جي شيئن ۾ غير معمولي طور تي واڌارو ٿيو آهي. منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن پنهنجو ڌنڌو شروع ڪري ڏنو آهي، عام واپارين ۽ دڪاندارن پاڻمرادو سبزين ۽ فروٽن توڙي ٻين شيئن جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. جيڪي بيڊ گورننس جون نشانيون آهن.

تنهن ڪري سنڌ اندر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي اهڙو برجستو نظام هئڻ گهرجي جو ڪنهن کي پاڻمرادو عام واهپي جي شيئن جا اگهه وڌائڻ جي جرئت ئي نه ٿي سگهي. هتي چڪاس جو انتظام ته ٿيل آهي پر رشوت ۽ ڪميشن طور اهو نظام هلي رهيو آهي. جيڪو هاڻي مافيا جي شڪل وٺي ويو آهي. اهو نظام هاڻي مٿي ڄاڻايل معمولي ڪاررواين سان بهتر نه ٿيندو پر ان لاءِ باقاعدي هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي. حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ائين متحرڪ ٿيڻو پوندو جيئن پاڻ کي پنجاب ۾ مريم نواز نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته اسان کي ان کان وڌيڪ اهڙي متحرڪ وڏي وزير جي مراد علي شاهه مان اميد آهي ڇاڪاڻ ته کيس ٻه ڀيرا وڏ وزارت جو وسيع تجربو به آهي، ٽيم ۽ نيٽ ورڪ به ٺهيل اٿس.

مريم نواز کي ته پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ گذريل حڪومت جي باقيات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان لاءِ سندس آڏو مراد علي شاهه کان وڌيڪ چيلينج آهن پر هن متحرڪ وزيراعليٰ طور ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي جنهن جي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به سندس آڏو واکاڻ ڪئي آهي خاص ڪري گهر گهر رمضان راشن پهچائڻ واري اعلان جي تعريف ڪئي هيائين. جڏهن ته هتي سنڌ ۾ قطارن ۾ بيهاري تذليل ڪري ماڻهن کي امداد ڏيڻ جو رواج رهيو آهي پوءِ اهو بينظير ڀٽو انڪم پروگرام جي امداد هجي يا راشن ورهائڻ جو سامان هجي. مٿان پوليس لٺ بازي به لازمي ڪندي پر مريم نواز اٿندي ئي اعلان ڪيو ته حقدارن ۽ غريبن کي راشن جا ٿيلها قطارن ۾ بيهاري نه ڏنا ويندا پر کين عزت سان گهر پهچايا ويندا. سنڌ حڪومت تي هميشه کان اها تنقيد ٿيندي رهي آهي ته عوام کي عزت سان امداد نٿي ڏني وڃي پر مراد علي شاهه جي حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪا اصلاح نه ڪئي، اصلاح ڪئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ طور مريم نواز ڪئي ۽ ائين ڪري هن تمام جلد عزت به ماڻي ڏيکاري آهي.

سو مراد علي شاهه کي به هڪ متحرڪ ۽ ڪامياب ترين وڏي وزير طور پنهنجو ريڪارڊ ٺاهڻ لاءِ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي. حڪومت رٽ کي مضبوط ڪري ڏيکارڻ گهرجي. ان حوالي ۾ سندس پهريون امتحان رمضان مهيني ۾ عام واهپي جي شيئن جي وڌيل اگهن کي ضابطو آڻي ڏيکارڻ آهي. ان سلسلي ۾ جيستائين وڏو وزير ذاتي دلچسپي نه وٺندو، ٽارگيٽ طئي نه ڪندو، مافيائن کي ختم نه ڪندو، ضلعي ۽ تعلقا انتظاميا کي متحرڪ نه ڪندو تيستائين اهو گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندو.

اسان وڏي وزير کي پهريون به صلاح ڏني هئي ته گڊ گورننس لاءِ هو پهريان سئو ڏينهن جو ٽارگيٽ مقرر ڪري. سڀني وزيرن کي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو ٽارگيٽ ڏئي ۽ ايئن ضلعي توڙي تعلقي جي انتظاميا کي پڻ سئو ڏينهن جو ٽارگيٽ ڏئي ته انهن سئو ڏينهن ۾ جيستائين سئو سيڪڙو ڪارڪردگي نه ڏيکاري ويندي تيستائين گڊ گورننس جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهندو. ائين خود وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پنهنجي لاءِ به سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ گهرجي ته جيئن گڊ گورننس ڏيکاري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.