نئين حڪومت جي خاتمي جو چرچو

تحرير : رفيق پٽيل

8 فيبروري جي چونڊن جي تڪراري نتيجن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 28 ڏينھن بعد فارم 45 پنھنجي وسب سائيٽ تي پيش ڪري ڇڏيا ھئا،جيڪي ھاڻي اتان ھٽائي ڇڏيا آھن،پولنگ اسٽيشنن جي جي نتيجن تي ٻڌل ان فارم کي عوام جي سامھون آڻڻ جي مقرر مدت 14 ڏينھن ھئي،پر ٻھ ھفتا دير سان سامھون آندا ويا ۽ جڏھن انھن ۾ جعلسازي ۽ ھيراڦيري جي نشاندھي ڪئي وئي تھ انھن کي ويب سائيٽ تان ھٽايو ويو،ھڪ ٽي وي مبصر لاھور نوازشريف ۽ جيل ۾ قيد ڊاڪٽر ياسمين راشد جي فارم 45 جا انگن اکرن جو تجزيو ڪندي ٻڌايو ھو تھ ڊاڪٽر ياسمين راشد کٽيل آھي ۽ نوازشريف ھارايل آھي،اھڙي ريت اٽڪل 60 کان 80 وچ ۾ قومي اسيمبلي جا اھڙا اميدوار آھن جيڪي پنھنجي کٽڻ جي دعويٰ ڪري رھيا آھن ۽ عدالتن جا چڪر لڳائي رھيا آھن.

تاريخ شاھد آھي تھ اھڙا سماج يا ملڪ جتي انصاف نٿو ٿئي اتي آخرڪار تباھي يا انقلاب اچي ٿو،دنيا ۾ ڪٿي بھ اھڙي حڪومت برقرار رھي نٿي سگھي جتي ماڻھن ۾ انصافي جي ڪري حڪومت خلاف عوام ۾ شيديد نفرت موجود ھجي.جلد يا ڪجھھ دير  سان اھڙي حڪومت جو انت ٿي وڃي ٿو يا وڏي پئماني تي وڳوڙ پئدا ٿين ٿا،جنھن کي طاقت سان قابو نٿو ڪري سگھجي.جيڪڏھن طاقت سان ھر مسئلي جو حل ٿيڻ ممڪن ھجي ھا تھ ملڪ ۾ ھڪ باقاعدا مستقل مارشل لا  لڳل ھجي ھا.پر ماضي ۾ ڪو بھ مارشل لا برقرار رھي نھ سگھيو. پاڪستان جو قيام جمھوريت جي سفر سان شروع ٿيو ھو.تنھنڪري بادشاھت بھ ھتي ممڪن نھ ھئي. ھاڻي جيڪو تجربو سامھون آھي،ان ۾ عام تصور اھو ئي آھي تھ انھن جماعتن ۽ خاندانن کي ملڪ تي ٿاڦيو ويو آھي، جيڪي عوام جا حقيقي نمائندا نھ آھن،سموري دنيا جي سڌ سماءَ جي رپورٽن سان اھا ڳالھھ چٽي ٿي وئي آھي تھ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ اھڙي قسم جون حالتون آھن.

8 فيبروري جي چونڊن ۾ ماڻھن ھاڻوڪي اقتدار ۾ آيل گروھ سان نفرت جو اظھار ڪيو ھو اھي نتيجا ايترا تھ حيران ڪندڙ ھئا جو دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ان تي عملي تحقيق جي شروعات ٿي چڪي آھي. ان جو سبب پي ٽي آءِ،جي بنا چونڊ نشان ۽ چونڊن کان ٻاھر رکڻ باوجود ان جي ڪاميابي ھئي.چونڊ کان ٻاھر رکڻ جي لاءِ ڪافي پابنديون ھيون،اھا وڏي ڳالھ ھئي تھ اھي چونڊن ۾ پنھنجي اميدوارن سان گڏ ميدان ۾ اچي وئي.دنيا جي ميديا پنھنجي خبرن ۽ تجزين ۾ ٻڌائي چڪي آھي تھ جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت رکندڙ اميدوارن جي ڪاميابي کي  شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي،پاڪستان جي ھاڻوڪي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ۽ چونڊن کان اڳ راءِ عامھ جي جائزي جي رپورٽن جو باريڪ بيني سان جائزو ورتو وڃي تھ اھا حقيقت چٽي ٿي وڃي ٿي تھ ھاڻوڪي اقتدار م آيل جماعتن خلاف عوام ۾ گھڻي نفرت ۽ ڪاوڙ موجود ھئي. ان حالت ۾ دنيا جو سموريون وڏيون قوتون گڏجي ڪري بھ شھباز شريف جي حڪومت کي بچائي نٿي سگھي.گھڻا ئي دانشور ان ڳالھھ سان اختلاف ڪري سگھن ٿا پر شھبازشريف جي حڪومت ھڪ اھڙي بنا ڦيٿن واري گاڏي آھي جنھن کي گھلڻ جي سان جيڪي نشان پئدا ٿيندا، ان جا نتيجا تباھي ۽ بربادي سواءِ ڇا ٿي سگھي ٿو.حيرت آھي تھ ملڪ جي تيز رفتار زوال جو بھ ڪنھن کي ڪو خيال نھ آھي ۽ ان خام خيالي م تھ سڀ ڪجھ درست ٿي ويندو،معاملن کي گھليو پيو وڃي،ملڪي سطح تي پڻ موجود چونڊن بعد جيترا بھ تجزيا ڪيا پيا وڃن، انھن مان گھڻن جو چوڻ آھي تھ ھي حڪومت ڪجھ مھينن جي مھمان آھي.ڪجهھ ماڻھن جو خيال آھي تھ مصنوعي آڪسيجن سان ھن جو مدو پورو ڪرايو ويندو تھ جئين ملڪ جي اھم عھدن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري سگھجي.

ملڪ جي اقتدار ۾ آيل جماعتن جي اعليٰ عھديدارن ۾ دولت جمع ڪرڻ ۽ ٻاھرن ملڪن ۾ جائيدادن  خريد ڪرن ۽ ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ جي لاڙي ۾ واڌ ان ڪري اڻٽر آھي جو گذريل ٻن سالن کان ملڪ سياسي ۽ معاشي طور وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار آھي.جنھن جي ختم ٿيڻ جو پري پري تائين ڪو امڪان نھ آھي،اصل ۾ ملڪ ۾ نظر نھ ايندڙ ڀڄ ڊڪ متل آھي ۽ ھر ننڍو وڏو ماڻھو ملڪ مان ڀڄڻ جي تياري ڪري رھيو آھي.جنھن جو ھڪ وڏو سبب شريف ۽ زرداري خاندان جي پيروي ڪرڻ بھ آھي.انھن ٻنھي خاندانن جي اثر ۾ آيل سياستدان جڏھن ڪو منافعي بخش عھدو حاصل ڪندا انھن جي خواھش ھوندي تھ انھن جو بھ ٻاھرين ملڪ جائيدادون ھجن،بينڪ بيلينس ھجي،ڪاروبار ھجي اھو ھڪ فطري امر آھي تھ قيادت جي نقش قدم تي ھلبو آھي.سياسي جماعتن جا عھديدار آھستي آھستي پاڻ کي ان ئي سانچي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن،جنھن قيادت سان انھن کي عقيدت ھوندي آھي.اھو لاڙو ملڪ جي بيوروڪريسي ۾ پڻ داخل ٿي رھيو آھي.دنيا ۾ مضبوط ھنڌن جي ڳولا ۾ جتي اھي ملازمت جي مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ يا ڪنھن بحراني صورت ۾ فوري طور ٻاھرين ملڪ روانا ٿي وڃن،ان مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اھي ٻاھرين ملڪن ۾ جائيدادون خريد ڪن ٿا.نوڪر شاھي جي مدد جي ذريعي سياستدان ان دولت کي جمع ڪرڻ ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ جائيدادون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رھن ٿا.ھاڻي اھو رجحان وڌيڪ وڌي رھيو آھي.

ڳچ عرصي کان سنڌ ۾ صنعتي ۽ واپاري حلقا باربار بدعنواني جي شڪايت ڪري رھيا ھئا جنھن کي ڪراچي سسٽم جو نالو ڏنو ويو ھو.ھاڻي نئين حڪومت جي جڙڻ سان ڪراچي سسٽم پاڪستان سسٽم ۾ تبديل ٿي ويندو.ان جو وڏو سبب ھي آھي تھ ايوان وزيراعظم بجاءِ ايوان صدر مان ھلايو ويندو.شھبازشريف جي حڪومت پ پ جي بيساکين تي برقرار آھي.ان ڪري ھر صورت ۾ آصف زرداري کي خوش رکڻو ھوندو.ان ڪري ھر اھم ڪم ۾ آصف زرداري جي مرضي رکڻي پوندي.ٿي سگھي ٿو آئيندھ ڪنھن موقعي تي پ پ وزارتن ۾ بھ حصيدار بڻجي وڃي.آصف زرداري نوازشريف جي وطن واپسي جي ڪجهھ ڏينھن بعد اھي اعلان ڪيو ھو تھ اھو نوازشريف کي وزيراعظم بڻجڻ نھ ڏيندو.ممڪن طور تي پردي پويان ھن معاملن جي ذريعي ان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ۽ نوازشريف ھن وقت وزيراعظم جي عھدي کان پري آھي،جنھن ڪري مسلم ليگ ن جي ھڪ وڏي حلقي ۾ آصف زرداري جي لاءِ ڪي بھتر جذبا نھ آھن.

آصف زرداري جو ايندڙ ھدف بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ آھي.نوازشريف مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ چاھي ٿو.نوازشريف پنجاب ۾ مريم نواز جي لاءِ رستو صاف ڪري رھيو آھي،ان ڪري ھن کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو آھي.زميني حالتون ٻنھي خاندانن جي لاءِ سازگار نھ آھن.بلاول ڀٽو شريفن جي حمايت سان مقبوليت وڃائي رھيو آھي.جڏھن تھ مريم نوازپاليسي سازي جي بدران لباس جي چونڊ ۽سياسي ڊراما فلم جي عڪسبندي کي مصنوعي سياست جي سبب ھر ھنڌ تنقيد جو نشانو بڻجي رھي آھي.ملڪ ۾ جاري مصنوعي نظام کي برقرار رکڻ جو پري پري تائين ڪو امڪان نھ آھي.انصاف تي ٻڌل نظام ئي ملڪ کي بحران مان ٻاھر ڪري سگھي ٿو.سرمائيڪاري بھ انصاف ڀرئي نظام ۾ اڳتي وڌي ٿي.ان سلسلي کي جاري رکڻ تباھي ۽ خودڪشي کانسواءِ ڇا ٿو ٿي سگھي.تاريخ اھو ئي سيکاري ٿي تھ ملڪ جا طاقتور ٿنڀا ان مان سبق سکڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.