ذوالفقار علي ڀٽي بابت عدالتي فيصلو ۽ سنڌ جو ڪيس

تحرير : حميده گهانگهرو

6 مارچ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي عوام ۾ عدالت تان کڄيل ويساهه کي بحال ڪرڻ جي هلڪي اميد ڏيکاري آهي. اِها اميد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي حوالي سان آهي. اصل ۾ آصف زرداريءَ پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل تي صدارتي ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ زرداري صاحب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي 5 سوال موڪليا هئا ۽ انهن سوالن جا جواب ۽ راءِ گهري هئي ته ذوالفقار ڀٽو کي ڏنل سزا درست آهي يا نه؟ ڇا هي عدالتي قتل آهي؟ اهو اهڙو سوال هو جنهن کي عدالت سڳوري ان وقت آئين ۽ قانون جي تحت هڪ جاندار ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ٻڌائي سگهي پئي. جڏهن ته تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو وڪيلن جي تحريڪ ۾ تمام اهم ڪردار رهيو آهي پر پوءِ بجاءِ سنجيدگي ڏيکارڻ جي، ڪيس کي سردخاني ۾ لڪايو ويو. جڏهن ته آصف زرداري پاران قانوني ماهرن کان صلاح مشورا به ورتا ويا هئا. پر هميشه جيان وڏن انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل ڪيسن کي خاموشيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. ڀٽو ڪيئن ڦاسيءَ چڙهيو؟ ڇو چڙهيو بس عوام پنهنجي ليڊر جي محبت ۾ پاڻ ساڙيو روئيندا رهيا پر عدالت ڄڻ گونگي ۽ ٻوڙي ٿي وئي.

بهرحال وقت جو ڪانٽو رڪجندو ناهي،دير آيو درست آيو، نيٺ سپريم ڪورٽ مڃيو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان انصاف نه ٿيو هو. موت ته هر ماڻهوءَ کي اچڻو آهي. ۽ موت کانپوءِ ڪنهن امير ماڻهوءَ جي سنگ مر مر سان ٺهيل قبر تي نالي جي تختي گواهي ڏيندي پر هن تاريخي فيصلي ڄڻ واقعي ڀٽي کي امر ڪري حقيقي شهيد جو لقب ڏنو .

آخر اها جرئت وقت جي انصاف پسندن جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ ٺاهي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ۽ 6 مارچ 2024 تي 9 رڪني بينچ تاريخي فيصلو ڏيندي چيو ته شهيد ڀٽو کي فيئر ٽرائل جو موقعو نه ڏنو. عدالت راءِ ڏيندي چيو ته ان وقت سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي آئين جي ابتڙ قرار ڏنو، جڏهن ته 45 سال اڳ ڏنل ڦاسيءَ جي سزا کي ڪنهن به قبول نه ڪيو عدالتي قتل چوندي سندس جيالا خاص طور چوندا رهيا اڄ به ڀٽو زنده آهي ڪلهه به ڀٽو زنده هو. ۽ هن فيصلي تاريخ ۾ ڀٽو کي شهيد قرار ڏئي هميشه هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. هن آڻ نه مڃي ۽ ڦاهي چڙهي ويو.

شيخ اياز چواڻي

گونجار ڪندي جا مونکان پوءِ

تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو ھان

بلڪل اڄ هر ساڃاهه وند جي سوچ ۽ زبان تي اهي لفظ ضرور نڪرندا هوندا ته بي گناهه، تاريخ جا امر شهيد کسيا وڃن ٿا.

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ڪيس فائيل ٿي ويو ۽ هڪ واضح ڳالهه سامهون آهي بقول چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي جنهن هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو آهي ته انهن ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو جنرل ضيا جي دٻاءَ ۾ اچي ڪيو هو. تنهن جا محرڪ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا تنهن تي تفصيلي بحث به ٿيڻ گهرجي، خود ڀٽو صاحب جي ڦاسيءَ کانپوءِ ادريس طوطي، کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ڪيترن پاڻ ساڙيو ڇا اهي زندگيون وقت کان اڳ وڃڻ جو حساب نه وٺنديون. نواب احمد رضا قصوري لاءِ اهو چيو  ويندو آهي ته حملي ۾ قتل ٿيو پر ڀٽي لاءِ چيو ويندو آهي ته هن کي شهيد ڪيو ويو.

هن وقت جڏهن ملڪ جون حالتون تمام ڳنڀير آهن 2008 کانپوءِ بي نظير جي شهادت جي موٽ ۾ عوام خاص طور سنڌ جي عوام بينظير جي زنجير کي ٽوڙيو ناهي پر 2008 کان سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت رهي آهي ۽ 2024 ۾ به عوام وري به مٿن اعتماد ڪيو اهڙو عوام حق به جانب آهي ته هو پنهنجي پاڻ سان ڪيل زيادتين قتل، خودڪشيون معاشي بحران، بيروزگاري، ادارن جو زوال پذير تي محنت ڪشن کي جبري رٽائر ڪرڻ مطلب سياسي سماجي، اخلاق ناانصافين جو ڪيس زرداري صاحب اڳيان ضرور ٽيبل تي رکن. پاڪستان اسٽيل صنعتن جي ماءُ وانگر روزگار ذريعي عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو واحد ذريعو هو تنهن کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ جي برابر آهي.

منهنجي نظر ۾ هميشه شهيد ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي زندگيءَ جو ڏيئو اجهامڻ باوجود به هار نه مڃين ۽ ٻيا اهي جيڪي جسماني طرح زنده ته هوندا آهن پر معاشي بدحالي بيروزگاري، بنيادي حقن کان محروم زندگيءَ جو ضرور سماجي ضرورتن مثلاًً پاڻي، لائٽ، گئس، تعليم، صحت جهڙين اهم ضرورتن کان محروم هجن، دراصل نفسياتي ۽ پيڙائن جي ڀوڳنائن ۾ شهيدن جهڙي زندگي گذاريندا آهن.

انهيءَ ڪري هاڻي جڏهن سال 2024 ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڀٽو جي حق ۾ اهو فيصلو ڏئي انصاف جي لاٽ ٻاري آهي ته پوءِ سوين ابهم معصوم نياڻين جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ڪيترين معصوم نياڻين جو غائب ٿيڻ کانپوءِ ڪو به پتو ناهي ته هو زنده آهن به يا نه تن سان به انصاف ڪيو ويندو. آصف زرداريءَ پنهنجي صدارتي عهدي ماڻڻ کانپوءِ جڏهن پنهنجن نياڻين بختاور ۽ آصفه سان پيار ۾ ڀاڪر پائي مليو ته هن کي نياڻيءَ جو احساس ٿيو هوندو. اهڙيءَ طرح پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي به ضرور پنهنجي پيءُ ماءُ سان ملڻ لاءِ تڙپنديون هونديون.

آصف زرداري صاحب پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو دفعو صدر چونڊجي آيو آهي ۽ ڀٽي صاحب جي هلندڙ طويل عدالتي فيصلي کي صحيح طرح انجام تي پهچايو آهي ته هن وقت انهن نياڻين لاءِ به عدالتي فيصلا ڪرائي گم ٿيل سندن والدين ڀائرن ورن کي بازياب ڪرايو وڃي.

ڪيترا گم ٿيل نوجوان پيئر بزرگ لاپته آهن انهن کي بازياب ڪرائي انصاف ٿيندڙ فيصلي جي تاريخ ٺاهي وڃي. ملڪ جو عوام موت مار مونجهارن جو شڪار آهي. رشوت ۽ ناانصافين جي اوڙاهه کي صرف توهانجي همٿ، حوصلي ۽ عدالت جي انصاف ڏيارڻ سان غربت جي ٻرندڙ باهه کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ايوانن ۾ ويٺل اڳواڻ قوم جي امانت طور حلف کڻندي اهو وچن ڪندا آهن ته هو هن سفر جا راهي عوام جي اميدن، جي ڏاڪڻ تي چڙهي پهتا آهن. پيپلزپارٽي جي سياسي سفر ڏکن ڏولاون جيلن جي سزائن ڪوڙن جي اذيت ناڪ تڪليفن باوجود عوام جو رشتو مضبوط رهيو آهي انهيءَ ڪري هن وقت صرف اقتدار گذارڻ جو مدو نه پر هڪ پيدائشي ٻار کي پالڻ وانگر حڪمرانن کي عوام کي سنڀالڻ آهي. ڇاڪاڻ جو مصيبتن جو ماريل عوام هڪ ننڍڙي ٻار ۽ زخمي چچريل  چيڀاٽيل حالتن جي نتيجي ۾ وري هڪ دفعو اميد رکي سگهي ٿو. اهو وچن عوام سان انهيءَ شهيد جي نالي سان ڪيو ويو آهي. جنهن ڦاسيءَ جو ڦندو ڳچيءَ ۾ پائڻ کان اڳ ضرور سوچيو هوندو ته منهنجي عوام کي ماني، ڪپڙي ۽ اجهي جو حق ملندو.

سندس نوجوان ۽ جوشيلي پٽ بلاول به ڪيترا وعدا ۽ اقرار ڪيا آهن. ضرور جڏهن اسيمبلي جي ايوان ۾ سينو تاڻي فخر سان پيءُ جي ڪاميابي کي محسوس ڪيو هوندو ته ان ڪاميابي جو پاڇو عوام تي هوندو. ڪنهن حد تائين شهيدن جي قافلي جا هيءَ نوان گهرڀاتي چئني پيءُ پٽ ۽ ٻه ڌيئر عوام جي اميدن کي مايوس نه ڪندا.

ڀلي توهان صدارتي محل اسلام آباد ۾ ويهو پر سڃاڻپ سنڌ جي ڌرتي هوندي. انهيءَ ڪري سنڌ جا وسيلا، سنڌ جون زمينون، سنڌ جا شهر، انهن جي تاريخي حيثيت پنهنجي بچاءُ جي گهر ڪندي. سنڌ جا تاريخي ماڳ ضرور پنهنجي جهرڻ، ڀرڻ جو درد ٻڌائيندي تحفظ جي اميد رکندي. ڪارونجهر جو ڪنڌ ڪپڻ وقت مورن جو رڙيون ڪندي اڏام جو درد هڪ بي گهر ٿيڻ وانگر محسوس ٿيندو.

صدر زرداري صاحب هيءُ سنڌ جو ڪيس آهي. هيءَ توهانجي جنم ڀومي جو ڪيس آهي. هيءَ توهانجي پارٽي کي هن وت تائين ڪلهو ڏئي بچائڻ واري پارٽيءَ جو ڪيس آهي. هيءَ سنڌ جي ڏتڙيل اٻوجهه مسڪين باشعور پڙهيل لکيل عوام جو ڪيس آهي. توهانکي مبارڪ باد ڏيڻ سان گڏ هجت ڪري پنهنجائپ جو پڻ ڪيس رکيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.