ڊاڪٽر مالڪ بابت محمود اچڪزئي جي تقرير سياسي روايتن جي خلاف آهي: نيشنل پارٽي

بلوچستان( م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پشتونخوا ميپ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي سينيئر سياستدان جي حيثيت سان عزت ڏني وڃي ٿي، پر هن جي پريس ڪانفرنس جي حقيقت سان پري تائين جو به ڪو واسطو ناهي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڪنهن کي به پارٽي فيصلي کان اڳ ڪنهن به ووٽ ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو هو ۽ نه ئي  ڪنهن کي يقين ڏياري وئي هئي، نيشنل پارٽي هڪ سياسي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن جا سمورا فيصلا جمهوري مرڪزيت جي بنياد تي ڪيا ويندا آهن. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي وفد جڏهن پارٽي قيادت سان رابطو ڪيو ته پارٽي قيادت کين واضح ڪيو ته صدارتي چونڊن جو معاملو پارٽي آڏو غور هيٺ آهي ۽ پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اهو پريس ذريعي عوام کي ٻڌايو ويندو.جڏهن ته 8 مارچ جي شام ڊگهي صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ميڊيا ذريعي پڌرو ڪري چيو ويو ته اسين پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري کي ووٽ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. صدارتي چونڊ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي جي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي حوالي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه حقيقت کان پري نه پر افسوسناڪ آهي، هن چيو ته هن ادارن جي گڏيل فيصلن کي اوليت ڏني آهي. پارٽي سربراهه جي حوالي سان محمود خان اچڪزئي جي تقرير غير ذميواراڻو، افسوسناڪ ۽ سياسي روايتن جي ابتڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.