ڪراچي(م ڊ)اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ عوامي مينڊيٽ جو قدر ڪيو وڃي، منهنجي ڪوشش رهي ته ملڪ کي جوڙيو وڃي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مون آئين جي پاسداري ڪيئ جيڪو مناسب هو اهو ڪيو، پاڪستان جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪندو رهندس، منهنجي خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائڻو آهي ته هلايو، غيرآئيني قدمن جو الزام لڳائيندڙ عدالتن ۾ وڃن، هن چيو ته معيشت ٻه ٽي سال زوال پذير رهي ۽ ملڪ ڏڦيڙ جو شڪار رهيو،پارٽي جو اصولي موقف هو ته ڪرپشن خلاف رهو مان ڪرپشن جي خلاف رهيس،پاڪستان کي ڳنڍڻ لاءِ عمران خان کي آزاد ڪرڻ گهرجي،
-
چيني، ايراني ۽ ترڪ صدرن جي آصف زرداري کي مبارڪباد
بيجنگ(م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ آصف علي زرداري کي پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر چيو ته پاڪ چين دوستي تاريخ جي چونڊ ۽ عوام جو قيمتي خزانو آهي، چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري ۽ سٺا دوست آهن. شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن سي پيڪ جي تعمير ۾ مثبت نتيجا حاصل ڪيا. پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي بدليون برقرار رکيون ۽ ٻنهي ملڪن بنيادي مفادن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي. چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ روايتي دوستي کي اڳيان وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي وسيع ترقي جي لاءِ صدر زرداري سان ملي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.چيني صدر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن هلندڙ سالن دوران ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي پنهنجي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي.صدر شي جن پنگ به اهو چيو ته پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ اهم نتيجا ڏيندڙ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ٻنهي طرفن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي خطي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو وڃي.هوڏانهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان به صدر آصف علي زرداري کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدر شي جن پنگ چيو ته دنيا هن وقت هڪ صدي ۾ نظر نه ايندڙ تيز رفتار تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري چين پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي.