محسن نقوي جي پنجاب مان سينيٽ اليڪشن وڙهڻ جي تصديق

لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته  هو ايندڙ مهيني پنجاب مان سينيٽ جي چونڊ وڙهندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو پارليامينٽ جي وڏي ايوان لاءِ سڀني جو اميدوار هوندو، ڇو ته هن سياسي سڃاڻپ جي لاءِ پنهنجو ذهن ناهي ٺاهيو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتون ٿيون آهن، گهرو وزير جي قلمدان جي ذميواري جي حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ان بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ان ڳالهه تي خوش آهيان ته نگران وڏي وزير طور تي صوبي ۾ هُن جي ڪارڪردگي کي وڏي پيماني تي ساراهيو ويو جنهن تي مان شڪرگذار آهيان.

  • خضدار ۾ هٿياربندن واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش رکي ڌرڻو

خضدار( م ڊ) خضدار ۾ بدامني جي واقعن ۾ واڌ  جو سلسلو جاري آهي، رات دير سان هٿياربندن جهالاوان سبزي منڊي جي صدر علي حسن محمد حسني جي گهر ۾ داخل ٿي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي ته گهرڀاتين مزاحمت ڪئي جنهن تي هٿياربندن گوليون هڻي جهالاوان سبزي منڊي جي صدر علي حسن محمد حسني کي قتل ڪري ڇڏيو، علي حسن محمد حسني کي قتل ڪرڻ بعد هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي واپارين ۽ مقتول جي وارثن روڊ بلاڪ ڪري لاش سميت ڌرڻو هڻي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين مطالبو ڪيو ته علي حسن محمد حسني جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.