اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي 27 رمضان تي ملين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اسلام آباد ۾ غزا مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته چئني پاسن کان ملڪ لٽيندڙ ويٺا آهن، اسيمبلي اجلاسن ۾ غزا جو ڪو ذڪر ناهي ٿيندو.
هن چيو ته پارليامينٽ ۾ بي جان ٺهراءَ پاس ڪيا ويندا آهن، جمعته الوداع تي آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته 25 لک جي آبادي هڪ وڏي طاقت سامهون موجود آهي، فلسطينين ثابت ڪيو آهي ته ايمان جي طاقت وڌيڪ آهي.
You might also like