مُئل شخص اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي ويو! انوکو ڪيس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوهايو ۾ هڪ عدالت سامهون انوکو ڪيس سامهون اچي ويو، عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته مُئل شخص ذريعي اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائي وئي آهي.
ايشٽابولا ميونسپل ڪورٽ ۾ 63 ورهين جي ڪيرن ڪيسبام ۽ 55 ورهين جي لورين بي فيرالو تي ڪيس هلايو پيو وڃي، مٿن الزام آهي ته هو 80 ورهين جي مئل شخص کي اي ٽي ايم کڻي ويون ۽ آڱوٺن جي نشانن جي مدد سان رقم ڪڍرائڻ کانپوءِ لاش کي ايشٽابولا ڪائونٽي ميڊيڪل سينٽر جي ايمرجنسي روم ۾ ڇڏي فرار ٿي ويون.
ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هنن ٻڌايو ته جنهن مئل شخص کي هو ڇڏي ويون هيون، ان جو نالو ڊگلس ليمين هو ۽ ان جي عمر 80 سال هئي.
پوليس آفيسرن موجب اسپتال جي ايمرجنسي روم ۾ ڇڏڻ جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ان لاءِ اطلاع ڪيو ويو ته جيئن پوليس پيڇو ڪندي جوابدارن تائين نه پهچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.