1 مغوي بازياب، رتڪ ڪمار ڌاڙيلن جي قيد ۾، وڊيو وائرل

خانپور-ميپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) خانپور پوليس 1 مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته گھوٽڪي مان اغوا ٿيل رتڪ ڪمار هن وقت تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي.

خانپور ڀرسان پوليس ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مغوي جو نالو عبدالنبي عرف عبدالله پٺاڻ آهي.

ايس ايس پي محمد عمران جو چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

ٻي پاسي ميرپورماٿيلو واسي رتڪ ڪمار هيل تائين لاڳيتو احتجاجن باوجود بازياب نه ٿي سگھيو آهي، ايس ايس پي آفيسن اڳيان به ڪيترن ئي ڏينهن کان هندو برادري جو سندس بازيابي لاءِ احتجاجي جاري آهي. ڌاڙيلن مغوي رتڪ تي تشدد جي وڊيو جاري ڪئي آهي.

مغوي رتڪ جي بازيابي لاءِ احتجاج تي ويٺلن جو چوڻ آهي ته چونڊيل نمائندا آواز نه پيا اٿارين نه ئي ڪنهن مغوي کي بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

واضح رهي ته اڄ شڪارپور ۾ به واپارين ۽ دڪاندارن شٽربند هڙتال ڪري مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.