حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ چئن ڄنگھن ۽ هٿن وارو عجيب ٻار ڄائو آهي.
ذريعن موجب حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم دوران عورت عجيب ٻار ڄڻيو آهي جنهن کي چار هٿ ۽ چار ڄنگھون آهن.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارن جي پيدائش آپريشن جي ذريعي ٿي، ٻار کي ٻه هٿ ۽ ٻه پير واڌارا آهن جن کي ماهر سرجن ۽ ڊاڪٽرن سرجري کان پوءِ جسم کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي.
صحت کاتي موجب ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ ٻئي صحتمند آهن.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻچيدانيءَ ۾ جاڙن ٻارن هئا پر طبي پچيدگين سبب هڪ ٻار جي واڌ ويجهه اڌ ۾ رهجي وئي جنهن جي ڪري ائين ٿيو.
اهو حيدرآباد سوڌو سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like