ملائڪا اروڙا ارباز خان سان شادي ڇو ڪئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ملائڪا اروڙا چيو آهي ته هن پنهنجي اڳوڻي مڙس ارباز خان سان شادي جو فيصلو گھروارن جي دٻاءَ ۾ اچي نه ڪيو هو اهو سندس ذاتي فيصلو هو.
ملائڪا اروڙا جو انٽرويو ۾ چوڻ هو ته جنهن خاندان سان منهنجو واسطو آهي اتي ڇوڪرين تي شادي جو ڪو به دٻاءُ ناهي هوندو، منهنجا والدين مون کي اهو چيو هو ته تون پنهنجي مرضي سان زندگي گذار، ٻاهر وڃ، ڪيريئر بڻاءِ پر ان دوران منهنجي ذهن ۾ شاديءَ جو خيال اچي ويو.
هن چيو ته شاديءَ جي ڪجهه سان کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته آئون زندگي ۾ ڪجهه ٻيو ڪرڻ چاهيان پئي، آئون پنهنجي پٽ جي جي خوشي چاهيان پئي، زندگي ۾ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ ۽ خوش محسوس ڪرڻ چاهيان پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.