زخم ختم ڪرڻ ۾ وٽامن اي جو اهم ڪردار!

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) جڏهن به ڌڪ لڳندو آهي ته کَلَ ۾ موجود خاص جيوگھرڙا زخم کي ڀرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا اهن. نئين تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته اِهو اُهو مرحلو هوندو آهي جنهن ۾ وٽامن اي مک ڪردار ادا ڪندي آهي.
رپورٽ موجب آمريڪي محققن پاران ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخم ٿيڻ کان پوءِ وٽامن اي جيوگھرڙن کي زخم ختم ڪرڻ ۽ زخم واري جاءِ تي وار آڻڻ جي هدايت ڏيندي آهي.
نيويارڪ ۾ راڪ فيلر يونيورسٽي جي ان تحقيق موجب اهي خاص جيوگھرڙا حقيقت ۾ وارن جا خام جيوگھرڙا (Stem Cells) هوندا آهن. پر آهي عام طور تي ان وقت تائين ڪم نٿا ڪري سگھن جيستائين انهن کي اها خبر نه پوي ته کَلَ کي ٺيڪ ڪرڻو اهي يا وارن جي واڌ ويجهه ڪرڻي آهي. اهڙيون هدايتون وٽامن اي فراهم ڪندي آهي.
جيتوڻيڪ کَلَ اڪثر زخمي ٿيندي آهي ان ڪري وارن جا جيوگھرڙا کَلَ کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ ترت سرگرم ٿي ويندا آهن.
محقق ايلين فوچس چيو ته ان مطالعي کان پوءِ هاڻي اسان کَلَ ۽ وارن جي مختلف خرابين ۽ ڪينسر کي روڪڻ جي طريقيڪار کي بهتر طور تي سمجهي سگھون ٿا.
محققن اهو به ڄاتو ته وٽامن اي جو مناسب تناسب انهن جيوگھرڙن جي اثرائتن فعلن لاءِ تمام ضروري آهي. وٽامن اي جو واڌو مقدار جيوگھرڙن جي ڪردار کي مناسب طريقي سان تبديل ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجي سگھي ٿو جڏهن ته گھٽتائي وارن جي ويجهه بدران کَلَ کي ٺيڪ ڪرڻ تي وڌيڪ وقت لڳائي سگھي ٿي.
واضح رهي ته جسم ۾ جڏهن جيوگھرڙا مقرر ڪيل ڪم کي تبديل ڪندا آهن ته ان کي lineage plasticity چيو ويندو آهي. اهو عمل ڪينسر ۽ زخم ڇٽڻ ٻنهي ۾ ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.