بيٽرين جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي آڻيندڙ ٽيڪنالاجي دريافت

سائنسدانن اهڙي ٽيڪنالاجي دريافت ڪئي آهي جيڪا بيترين جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگھي ٿي.
سائنسدانن ليٿيم ۽ سلفر سان اهڙيون ٺوس بيٽريون ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي درياف ڪئي آهي جيڪا اسان جي فون، ڪارن ۽ ٻين برقي اوزارن ۾ استعمال ٿيندڙ موجودهه ليٿيم آئن بيٽرين جو بهتر متبادل ٿي سگھن ٿيو ڇو جو انهن ۾ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت آهي.
اهي بيٽريون روايتي بيٽرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توانائي ذخيرو ڪري سگھن ٿيون. جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن اها بيٽري ڪنهن برقي گاڏيءَ ۾ استعمال ڪئي وڃي ته هڪ چارج ۾ مفاصلو طئي ڪرڻ جي طاقت ٻيڻي ٿي ويندي.
انهن بيٽرين کي بڻائڻ لاءِ سولائي سان ملندڙ مواد استعمال ڪيو ويندو جنهن جي ڪري اهي ماحول لاءِ به بهتر هونديون ۽ لاڳت به گھٽ ايندي.
اهو مواد اليڪٽرون جي منتقلي ۾ اثرائتو ناهي هوندو ۽ چارج ٿيڻ سان گڏ پکڙجي ۽ سُسي سگھي ٿو جنهن جو مطلب آهي ته ان جي خراب ٿيڻ ۽ اثرائتو ڪم ڪرڻ نه ڪرڻ جا خدشا هوندا آهن.
هاڻي سائنسدانن سلفر ۽ آئيوڊين جي مدد سان هڪ ڪرسٽل بڻائي نئون ڪيٿوڊ مٽيريل بڻايو آهي. آئيوڊين ان مٽيريل کي اڪيلي سلفر جي ڀيٽ ۾ چارج منتقلي لاءِ 100 ارب ڀيرا وڌيڪ بهتر بڻائي ٿو.
اهو ڪرسٽل گھٽ گرمي پد يعني گرم چانهه جي ڪوپ جي هيٺان سولائيءَ سان ڳري سگھي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ڪرسٽل چارج ٿيڻ کان پوءِ ڳري سگھي ٿو ۽ چارجنگ جي عمل کان پوءِ پنهنجي حالت ۾ واپس اچي سگھي ٿو.
ائين ڪرڻ سان لاڳيتو چارجنگ جي عمل سان اليڪٽروڊ کي پهچندڙ نقصان جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.