اسلام آباد دلچسپ مقابلي کانپوءِ ملتان کي شڪست ڏئي پلي آف ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 27هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اسلام آباد، ملتان طرفان مليل 229 رنسن جو هدف آخري بال تي حاصل ڪيو ۽ پلي آف ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، ان کان اڳ ملتان سلطانز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون پلي آف ۾ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهيون.
عثمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر زبردست راند جو مظاهرو ڪيو، هن 50 بالن تي 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 15 چوڪا شامل هئا.
جارنسن چارلس 42، ياسر خان 33، ڪپتان محمد رضوان 20، ڪرس جارڊن 15، افتخار احمد 13 رنسون ٺاهيون.
اسلام آباد طرفان فهيم اشرف 2، نسيم شاهه ۽ حنين شاهه هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ گهربل هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي پورو ڪيو.
ڪولن منرو 84، ڪپتان شاداب خان 54 رنسن جي اننگز کيڏي، عماد وسيم 30 ۽ فهيم اشرف 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ملتان طرفان عباس آفريدي 3، محمد علي 2، ڊيوڊ ولي ۽ ڪرس جارڊن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.