گوگل پلي اسٽور ۾ ڊائولوڊنگ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل پاران اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويندو جنهن کي استعمال ڪندي گوگل پلي اسٽور تي هڪ ئي وقت 2 ايپس کي ڊائونلوڊ ڪري سگھبو.
گوگل پاران ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ طاقتور پراسيسر رکندڙ ڊوائيسز ۽ سٺي بينڊوٿ واري انٽرنيٽ رکندڙ واهپيدار بهتر طريقي سان ڊائون لوڊ ڪري سگھندا.
2019ع ۾ گوگل ان فيچر جو تجربو ڪيو هو پر ان کي وڏي پيماني تي استعمال لاءِ فراهم نه ڪيو ويو هو. پر هاڻي لڳي پيو ته ڪمپني پاران اهو فيچر عالمي سطح تي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو جيڪو گوگل پلي اسٽور جي استعمال ۾ واضح بهتري آڻي سگھندو.
ان کان اڳ گوگل پلي اسٽوري تان هڪ ئي وقت ٻه ايپس ڊائون لوڊ نه ٿينديون هيون هڪ کان پوءِ ٻي ايپ ڊائونلوڊ ٿيندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.