ڪامريڊ تاج محمد تاج محمد ابڙو سياست صحافت ۽ ادب جو هڪ جاکوڙي ڪردار هو پر زاتي طور جنهن کي تاج محمد جي محبت جي سِکِ لڳل هوندي سو کيس کيس ڪنهن به صورت ۾ وساري ڪين سگهندو. هو منهنجو پيارو دوست محسن ۽ استاد هو. اها شمع 10 مارچ 1986 تي اُجهامي ويئي پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ انجي جوت اڃان تائين روشن آهي.
تاج محمد ابڙو جي قابليت مطالع عمل جي صلاحيت مهمانوازي ۽ پيار هر وقت هر دور ۾ مقدر رهندي آئي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته تاج محمد ابڙو بذات خود هڪڙي انجمن هو ان وٽ سياسي، ليڊرن روپوش ڪارڪنن ۽ اديبن جي هميشه امدرفت رهندي هئي سنڌ جي چوٽي جي سياست دانن ورڪرن ۽ اديبن جو مرڪز ڪامريڊ تاج محمد جي اوطاق هوندي هئي جيڪا سندس آفيس ۽ ميل ميلاپ، سياسي عمل ۽ گفتگو جو مرڪز به هئي جنهن جو سمورو خرچ تاج محمد ابڙو زاتي طور ڀريندو هو.
مون 1952ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي هئي ۽ حيدرآباد ۾ ديوان ڌرمداس مولچند هيراننداڻي سينئر وڪيل جي فورم ۾ جونيئر وڪيل طور شامل ٿيو هوس. ان وقت وڪيلن جي پيشي ۾ هڪ نئون نمونو شروع ٿيو هو . رجسٽريشن ۽ ڪسٽوڊين جا کاتا کوليا ويا هئا جتي گهڻو ڪري هندوستان مان لڏي آيل مسلمان آفيسر رکيا هئا جيڪي هتان سنڌ مان نه لڏي ويندڙ هندوئن کي تنگ ڪندا هئا جيڪو هندو لڏي ويا هئا تن تي به هتي سنڌ ۾ ڪو ڪيس نه هلي سگهندو هو پر هتي ويٺلن پاڪستان جي شهري ٿيلن کي به تنگ ڪندا هئا ته توهان لڏي ويا هئا وري آيا آهيو انهن جا ڪيئي ڪيس ديوان ڌرمداس وڪيل وٽ هئا. اهڙن ڪيسن ۾ هو مونکي لاڙڪاڻي ڪسٽوڊين جي ڪورٽ ۾ موڪليندو هو اتي ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڀلوڙ وڪيل ڪٽپر صاحب هو جو مونکي پنهنجي اوطاق ۾ رهائيندو هو اها اوطاق سندس آفيس به هئي ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به.
لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن جي آفيس جي خاص خصوصيت هوندي هئي ته اها آفيس به هئي، اوطاق به ۽ مهمانوازي ڪرڻ جي جڳهه به ائين هڪ آفيس اوطاق تاج محمد ابڙي صاحب جي به هئي اهو وڪيل جي اوطاق جو رواج اسان وٽ حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪين هو. 1972ع ڌاري جڏهن تاج محمد ابڙو صاحب سيشن جج مقرر ٿيو ته شايد پهرين نوڪري حيدرآباد کان شروع ڪيائين اسان وٽ ميرپورخاص بار روم ۾ اها ڳالهه هلي ته تاج محمد ابڙو صاحب وڏي شخصيت آهي اها نوڪري نه وٺڻ کپيس ها.
تاج محمد ابڙو صاحب جي آفيس جيڪا اوطاق وانگيان هئي جيڪا سندس سموري مشغولين جو مرڪز هئي اتي سنڌ دوست وڪيل ڪيسن وارا اسير سياستدان ۽ سياسي ورڪر ۽ ڪامورا ۽ سندس لاڳاپيل شخص گڏبا هئا ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن جو زڪر مختلف دوستن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي اهو ڏيکاري ٿو ته لاڙڪاڻي جو وڪيل ۽ سياستدان باقي سنڌ جي شهرن جي وڪيلن کان مختلف ۽ الگ هو.
تاج محمد ابڙو کي سندس ڪرم فرمائن زور ڏئي جج ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو سڌو سيشن جج ٿيو پنهنجي پهرين مقرري جي دور ۾ هو حيدرآباد مان پنهنجي موٽر ۾ چڙهي مون وٽ ميرپورخاص آيو جو عمل هڪ سيشن جج لاءِ عام نه هو هو ته وڪيل جي گهر وڃي تاج محمد ابڙو جي اها خصوصيت هئي ۽ ان جي ذهن ۾ اهو ڊپ بنجيو ڪين هو ته ان جي هن عمل تي ڪو اعتراض ٿيندو هو سنگت ۽ دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو.
سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي.
جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا.
تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو.