ڀارت انگلينڊ سيريز، سئو ڇڪن کان ست سئو وڪيٽن تائين ڪيئي رڪارڊ جڙي ويا

ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ انگلينڊ و چ ۾ ڌرمشالا ٽيسٽ ميچ دوران هڪ ٽيسٽ سيريز ۾ سئو کان وڌيڪ ڇڪا جڏهن ته فاسٽ بالر ست سئو وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون.
سيريز جي پنجين ٽيسٽ ميچ ۾ جوني بئريسٽو ڇڪو هڻي تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو جڏهن ته جيمز اينڊرسن ڪُلديپ ياديو جي وڪيٽ وٺي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ست سئو شڪار ڪندڙ پهريون فاسٽ بالر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ان کان اڳ سريلنڪا جي اسپنر مٿيا مرلي ڌرن اٺ سئو ۽ آسٽريليا جي شين وارن 708 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن پر اينڊرسن فاسٽ بالر طور اِهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر آهي.
سال 2022 ۾ ڊيبيو ڪندڙ جيمز اينڊرسن 187 ٽيسٽ ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ 26 ڏهائي 52 جي ايوريج سان ست سئو وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
فاسٽ بالر ڪيريئر دوران 32 ڀيرا پنج يا ان کان وڌيڪ جڏهن ته ٽي ڀيرا ڏهه وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ڌرمشالا ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ کي اننگز 64 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.