راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج مادرِ وطن جي ساليمت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير رحيم يار خان ويجهو فيلڊ ايڪسرسائز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف کي شمشير صحرا مشق بابت آگاهي ڏني وئي، آرمي چيف مشق واري علائقي ۾ فوجي جوانن سان ڏينهن گذاريو.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جو چوڻ هو ته فوج کي دشمن جي هر چال کان با خبر رهڻ ۽ هر وقت تيار رهڻ گهرجي، هٿياربند فوجون مادرِ وطن جي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي.
آ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جوانن سان ڳالهه ٻول دوران تربيتي معيار، آپريشنل تيارين ۽ سموري رينڪ جي اعليٰ جذبي کي ساراهيو، مشق جو مقصد چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۽ ميدان جنگ جي طريقيڪار ۾ اضافو ڪرڻ هو.
آرمي چيف، آرمرز، ميڪانائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس، اينٽي ٽئنڪ گائيڊڊ ميزائل سميت جنگي مشقن جو مشاهرو ڪيو، مشق ۾ پاڪ هوائي فوج جي جنگي جهازن به حصو ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب، شمشير صحرا مشق ۾ اليڪٽرانڪ وار فيئر جي صلاحيتن ۽ وار فيئر آپريشنز کي به شامل ڪيو ويو، وار فيئر جنگ دوران دشمن جي مواصلاتي صلاحيتن ۽ ڊِس انفارميشن مهم دٻائڻ جي ڪم اينديون آهن.