نواز شريف جون وزيراعظم کي اهم هدايتون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ قائد نواز شريف پارٽي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي ڪابينا جي جوڙ جڪ وارو عمل جلد مڪمل ڪري منشور تي عملدرآمد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نواز سميت پارٽي جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي.
ن ليگ جي قيادت جي غير رسمي مشاورت ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، نواز شريف، شهباز شريف کي ڪابينا جي جوڙجڪ وارو عمل جلد مڪمل ڪرڻ ۽ منشور تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اِهو به چيو ته هو هن وقت جبل جيڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عوام وڏيون اميدون آهن، مهانگائي به گهٽائڻي آهي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ پ پ کي به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويو.
ان موقعي تي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ان معاملي تي هو آصف زرداري جي صدر چونڊجڻ کانپوءِ ساڻس رابطو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.