اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ بالادست آهي، قومي فيصلا هتي ئي ٿيندا، ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي، اسان رڳو ايڊوائز ڏني هئي.
پارليامينٽ هائوس صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته پارليامينٽ بالادست آهي، قومي فيصلا هتي ئي ٿيندا، ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي، هنن رڳو ايڊوائز ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم پارليامينٽ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته پهريان به جيڪو ٿيو پارليامينٽ ڪيو، هاڻي به پارليامينٽ ڪندي.