ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رمضان المبارڪ کان اڳ نئين پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هر خاندان کي 5 هزار رپيا ڏنا ويندا.
ڪراچي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت جي فتح آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسان غلطي ڪئي آهي.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن چيو ته اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، مان بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رمضان پيڪيج جو اعلان رمضان کان اڳ ڪيو آهي، هن سال مهانگائي آسمان کي ڇهي رهي آهي.
هڪ نئين اسڪيم تحت 44 لک 13 هزار ڪٽنبن کي 5000 هزار رپيا في خاندان ڏنا ويندا.