ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي نائين ايڊيسن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اسپنر عقيل حسين شاندار بالنگ ڪندي سيزن جي پهرين هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي آهي.
ڪراچي ۾ پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ عقيل حسين وڏي هدف ڏانهن ويندڙ پشاور زلمي جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اننگز کيڏڻ لاءِ پهتل بابر اعظم 53 رنسن تي آئوٽ ڪندي ايندڙ اوور ۾ لڳاتار ٽي وڪيٽون وٺي هيٽرڪ حاصل ڪري ورتي.
ويسٽ انڊيز مان آيل عقيل حسين ايندڙ بال تي مهران ممتاز کي بولڊ ڪيو جڏهن ته اننگ جي 16 هين اوور ۾ عامر جمال وڪيٽ ڪيپر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
ايندڙ بال تي عقيل ليوڪ ووڊ کي سلپ ۾ بيٺل ڪپتان رلي روسو جي مدد سان پويلين واپس ڪري پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي.
هي هن سيزن ۾ ڪنهن به بالر جي پهرين هيٽ ٽرڪ آهي.