قسطن تي قرض، ٻج ۽ سولر ٽيوب ويل ڏنا ويندا: آرمي چيف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته هو عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب،آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران بلوچستان جي علائقي آواران جو دورو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان جي ڪور ڪمانڊر پاران آرمي چيف کي سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح پڻ ڪيو.
آءِ ايس پي ار موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن سان ڳالهيون پڻ ڪيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دوري دوران شهيدن جي خاندانن، مقامي اڳواڻن ۽ هارين سان پڻ ملاقات ڪئي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج سول انتظاميا سان گڏجي بلوچستان ۾ ترقياتي ڪم جاري رکندي، بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته بلوچستان جي بهادر ماڻهن تي فخر آهي جيڪي مشڪل وقت ۾ ڄمي بيٺل آهن.
جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ زراعت اهميت رکي ٿي، پاڪ فوج گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ سهڪار جاري رکندي.
آرمي چيف چيو آهي ته هارين کي زرعي سهولتون ڏنيون وينديون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ، سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون، هارين کي ملڪي ترقي ۾ ڀائيوار بڻائڻ ۽ زراعت لاءِ پڻ رهنمائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.