اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرن جي قبضي مان هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.