پاڪستان جي 14هين صدر جي چونڊ سڀاڻي، طريقيڪار ڇا هوندو؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي 14هين صدر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي صدارت جا اميدوار آهن، صدارتي چونڊ ۾ چئني صوبائي اسيمبلين، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر ووٽ ڏيندا.
آئين تحت صدارتي اليڪشن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر ريٽرننگ آفيسر هوندو جڏهن ته قومي ۽ صوبائي سيمبلين ۾ صبح ڏهين وڳي کان شام چئي وڳي تائين پولنگ ٿيندي، بيلٽ پيپر تي ووٽر پسند جي اميدوار جي نالي سامهون خاص پينسل سان ڪراس لڳائيندا.
صدر جي چونڊ اليڪٽورل ڪاليج ذريعي عمل ۾ آندي ويندي، ووٽر سڃاڻپ ڪارڊ گڏ کڻي اچڻ جا پابند هوندا، ووٽر بيلٽ پيپر تي ڪو اهڙو نشان لڳايو جنهن سان سندن سڃاڻپ ممڪن هجي ته ووٽ غلط سمجهيو ويندو، ٻن اميدوارن تي نشان لڳائڻ يا نشان نه لڳائڻ تي به ووٽ غلط سمجهيو ويندو.
پريزائڊنگ آفيسر اميدوار يا سندس نمائندن جي موجودگي ۾ بيلٽ باڪس کوليندو، پريزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپرز جو معائنو ڪري غلط ووٽ رد ڪندو، ۽ ووٽ ڳڻي اميدوارن جي حاصل ڪيل ووٽن کي ڌار ٿيلهن ۾ سيل ڪندو.
پريزائڊنگ آفيسر فارم 5 تي نتيجا لکي ريٽرننگ آفيسر، چيف اليڪشن ڪمشنر کي موڪليندو، جيڪڏهن ٻنهي اميدوارن هڪ جيترا ووٽ حاصل ڪيا هوندا ته فيصلو ڪُڻا ڪڍي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.