اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي هر پاڪستاني عورت بااختيار هجي، بلاول جو عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن تي سڀني عورتن کي مبارڪون ڏنيون آهن.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پاڪستاني عورتن جي جذبي، حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪريان ٿو، قوم سازي ۾ پاڪستاني عورتن جو ڪردار بي مثال رهيو آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن تي ضروري آهي ته اسان جي عورتن جي خدمتن کي ساراهيو وڃي، منهنجي پارٽين هميشه عورتن جي حقن، ڀلائي ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ پرعزم رهي آهي
پ پ چيئرمين چيو ته قائد عوام شهيد ڀٽو عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ سندن شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ بي مثال پاليسين جو بنياد رکيو، قائد عوام شهيد ڀٽو جي سماجي انصاف جي عزم ملڪ ۾ برابري واري سماج جو بنياد رکيو
بلاول ڀٽو زرداري موجب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان عورتن جي حقن ۾ تاريخي اڳڀرايون حاصل ڪيون.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلم اڪثريتي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم جي حيثيت سان عورتن جي سامهون آيل رنڊڪن کي ٽوڙي ڇڏيو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو صنفي برابري، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌايو، پهرين وومين بئنڪ ۽ وومين پوليس اسٽيشنز قائم ڪيون ويون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام ۽ هارياڻين کي زمينون الاٽ ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ويا.
جڏهن ته آصف علي زرداري پنهنجي گذريل دور ۾ عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي کي جاري رکيو، صدر آصف علي زرداري جي ذڪر جوڳين خدمتن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو انقلابي قدم آهي، آصف علي زرداري جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستاني عورتن لاءِ تحفو آهي، عورتن جي حق ۾ قانون سازي ۽ ٻيا قدم به صدر زرداري جي پاڪستاني عورتن جي ڀلائي جي عزم جي عڪاسي آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ چيئرمين جي حيثيت سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ، حقن ۽ ترقي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايان ٿو، اچو ته اڄ عورتن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي خوشي جو اظهار ڪريون.
اچو ته اڄ به انهن چئلينجن کي تسليم ڪريون جيڪي اسان جي سامهون آهن، اچو ته سڀ گڏجي وڌيڪ مضبوط ۽ برابري واري سماج ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکون، اهڙو معاشرو جوڙيون جتي هر پاڪستاني عورت پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي بااختيار هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.