واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته صدر پيوٽن کي منهنجو پيغام آهي ته اسان هار نه مڃينداسين، يوڪرين جي مسئلي تي ڪنهن جي سامهون نه جهڪنداسين.
آمريڪي صدر جو بائيڊن سينيٽ آف دي يونين کي خطاب ڪندي چيو ته جمهوريت کي آمريڪا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ خطرا آهن، جمهوريت تي حملا ٿي رهيا آهن پر اسان سر نه جهڪائينداسين، يوڪرين سان گڏ هئاسين ۽ گڏ رهنداسين.
هن چيو ته روس يوڪرين تي حملو ڪري يورپ ۽ يورپ کان ٻاهر ڏڦيڙ پيدا ڪيو آهي، آمريڪا يوڪرين کي هٿيار ڏنا ته اهو پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي صدر پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جا تفصيل به ٻڌايا ۽ ڪانگريس ميمبرن ۽ پنهنجي اقتدار جي دور ۾ حوصلا افزائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا….
You might also like