نئون ديرو ( ويب ڊيسڪ) نئين ديرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 عورتون مارجي ويون.
ميرواهه کوکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري28 ورهين جي ڪرن زال کوکر ۽ 23 ورهين جي نسيم کوکر گوليون هڻي قتل ڪيو.
اطلاع تي پوليس پهچي عورتن جا لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ڊاڪٽرن موجب قتل ٿيل عورتن مان هڪ کي سيني ۽ ٻيءَ کي مٿي ۾ گوليون لڳل هيون .
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like