حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدر آباد ۾ هٿياربند جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي.
گذريل ڏينهن نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري ناري کي قتل ۽ سندس ڀاءُ آڪاش کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو هو.
فائرنگ ۾ زخمي ٿيل آڪاش جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، صحت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب آئي سي يو ۾ منقتل ڪيو ويو آهي.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته نووجوان آڪاش کي دماغ جي نازڪ حصي ۾ گولي لڳل آهي جنهن جو آپريشن به نٿو ٿي سگهي.
هوڏانهن واقعي اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي، پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.
حيدرآباد: هٿياربند جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي، واقعو ڳجهارت بڻيل
You might also like