ليڊز (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن انساني وار کان 500 ڀيرا سنهڙي سئي بڻائي آهي جيڪا ڪينسر جي بيماري جي نئين علاج لاءِ رستا کولي سگھي ٿي.
برطانيا جي يونيورسٽي آف ليڊز سان واسطو رکندڙ سائنسدانن نينو پائپيٽ نالي سنهڙي ۽ انتهائي جديد سُئي جو استعمال ڪيو ۽ ڏٺو ته ڪينسر جا جيوگھڙڙا علاج ڪرڻ تي ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪن ٿا ۽ ان دوران ڪيترو تبديل ٿين ٿا.
انفرادي جيوگھرڙن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنيڪ انهن کي عام طور تي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي تنهنڪري محققن انهن جيوگھرڙن جو مطالعو علاج کان اڳ يا بعد ۾ ئي ڪري سگھن پيا.
پر ليڊز يونيورسٽي جي محققن پاران تيار ڪيل اهو اوزار ڪينسر جي علاج دوران زندهه جيوگھرڙن جي سڃاڻپ (پائپسي) ڪري سگھي ٿو ۽ جيوگھڙن کي مارڻ کانسواءِ انهن مان ننڍا ننڍا نمونا ڪڍي سگھي ٿو.
اها صلاحيت سائنسدانن کي وقت سان گڏ علاج سبب جيوگهرڙن جي ردعمل جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.
ان پائپيٽ ۾ 2 انتهائي سنهڙيون سيون آهن جيڪي هڪ ئي وقت ڪينسر جي جيوگھرڙن ۾ داخل ٿي سگھن ٿيون ۽ نمونو ٻاهر ڪڍي سگھن ٿيون.
محققن ان تحقيق ۾ گلائيوبلاسٽوما (جي بي ايم) جي علاج موجب ايڊجسٽ ٿيڻ ۽ بچي وڃڻ سبب خاص مطالعو ڪيو. اها ڳوڙهي دماغ جي ڳوڙهين جو موتمار قسم آهي.
محققن ان عمل کي ڪرڻ لاءِ نينو سرجيڪل پليٽ فارم جي مدد سان پائپيٽ جو استعمال ڪيو ڇو جو انسان هٿ سان استعمال تقريبن ناممڪن هو.
ان اوزار جي مدد سان سائنسدان يقين سان جيوگھڙن جا نمونا وٺندا رهيا ۽ هڪ انفرادي جيوگھرري ۾ بيماري جي ڪيفيت جو مطالعو ڪندا رهيا.
You might also like