ڌرمشالا ٽيسٽ:انگلينڊ خلاف گِل ۽ روهت جون سينچريون، ڀارت جي پوزيشن مضبوظ

ڌرمشالا(ويب ڊيسڪ) ڌرمشالا ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڀارت پهرين اننگز ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 473 رنسون ٺاهي انگلينڊ تي 255 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڀارت پنهنجي اڻپوري اننگز هڪ وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسن تان ٻيهر شروع ڪئي.
ڪپتان روهت شرما ۽ شُڀمَن گِل انگلش بالرن خلاف زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميدان جي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏيا ۽ سينچريون اسڪور ڪيون.
شُڀمَن گِل 110 ۽ روهت شرما 103 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا جنهن کانپوءِ ڊيبيو ڪندڙ ديو دت ۽ سرفراز خان ڀارتي بيٽنگ لائين جو بار پنهنجي ڪُلهن تي کنيو.
دِيو دت پنهنجي پهرين اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪئي ۽ 65 رنسون ٺاهيون جڏهن ته سرفراز خان به 56 رنسن جي اننگز کيڏي ٻئي شعيب بشير جو شڪار بڻيا.
اهڙي ريت ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 473 رنسون ٺاهي انگلينڊ تي 255 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ڪُلديپ ياديو 27 ۽ جسپريت بُمرا 19 رنسون ٺاهي ڪريز موجود هئا.
انگلينڊ جي شعيب بشير چار، ٽام هارٽلي ٻه، جمي اينڊرسن ۽ بين اسٽوڪس هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
واضح رهي ته انگلش ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 218 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.