عورتن جون ڪيل بهترين ايجادون

هر سال عورتن جو عالمي ڏهاڙو 8 مارچ تي ملهايو ويندو آهي جنهن مقصد صنفي اڻ برابري، عورتن جي خلاف تشدد ۽ ٻين مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي.

پر اهن ڏينهن جو هڪ مقصد معاشري جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڪاميابين کي ملهائڻ به آهي.

پر سائنس جي شعبي ۾ اڪثر عورتن جي ايجادن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.

تنهنڪري اهڙين ايجادن بابت ڄانيو جيڪي عورتن ڪيون هيون پر گھڻن ماڻهن کي ان جي خبرنه آهي.

واءِ فاءِ، بلوٽوٿ ۽ جي پي ايس

يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر هڪ آمريڪي اداڪارا Hedy Lamarr کي واءِ فاءِ، جي پي ايس ۽ بلوٽوٿ جو موجد قرار ڏنو ويندو آهي.

ٻي عالمي جنگ دوران Hedy Lamarr آمريڪي حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهي پئي ۽ ان لاءِ هن هڪ ٻئي فرد سان گڏجي ريڪوئنسي هوپنگ ٽيڪنالاجي تيار ڪئي.

ان ٽيڪنالاجي جو مقصد ميزائيلن کي حدفتائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو پر ان سان وائرليس ڪميونيڪيشن ٽيڪالاجي جهڙوڪ واءِ فاءِ، جي پي ايس ۽ بلوٽوٿ جي تياري جو دڳ کُلي ويو.

ڪمپيوٽر پروگرامنگ

گريس هوپر آمريڪي سامونڊي فوج ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ هن دنيا جو پهريون compiler تيار ڪيو هو، جنهن سان ڪمپيوٽرز لاءِ پروگرامنگ ممڪن ٿيندي.

سندس تحقيقي ڪم سبب پهرين ڪمپيوٽر پروگرامنگ لينگوئجز جي تياري ممڪن ٿي.

ونڊ شيلڊ وائپر

نيويارڪ جي دوري دوران الاباما رياست سان واسطو رکندڙ عورت ميري اينڊرسن دريافت ڪيو ته بس ڊرائيور برفباري دوران ٻاهر نه پيو ڏسي سگھي.

ان زماني ۾ ڊرائيورن کي دري کولي ونڊ شيلڊ کي صاف ڪرڻو پوندو هو ۽ ان کي ڏسندي ميري اينڊرسن ڪاٺيءَ ۽ رٻڙ مان ٺهيل وائپر ڊزائين ڪيا جيڪي برسات ۽ برف کي هڪ ليور دٻائڻ تي دري کي صاف ڪري ڇڏيندا هئا.

مونوپولي

ان مشهور بورڊ گيم کي ايلزبٿ ميگي ڊزائين ڪيو هو.

هن ان گيم کي مردن جي حڪمرانيءَ جي خلاف احتجاجن تيار ڪيو هو ۽ انهيءَ ڪري ان جو نالو مونوپولي رکيو.

ڊش واشر

1880ع جي ڏهاڪي ۾ Josephine Cochrane نالي عورت ڊش واشر کي ايجاد ڪيو.

هوءَ ملازمن مان تنگ هئي جيڪي ٿانو ڌوئڻ دوران انهن کي نقصان پهچائيندا هئا تنهنڪري هن پاڻ انهن کي کي سولائيءَ سان ڌوئڻ لاءِ موٽر تسان هلندڙ ڊش واشر تيار ڪيو ۽ ان جو پيٽنٽ به داخل ڪرايو.

هوم سيڪيورٽي سسٽم

1960ع جي ڏهاڪي ۾ نرس جي طور تي ڪم ڪندڙ ماري وين جي ملازمت جو وقت سندس مڙس کان مختلف هو.

هن جو مڙس البرٽ برائون اليڪٽرانڪ ٽيڪنيشن هو ۽ نيويارڪ ۾ موجود پنهنجي گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي فڪر سبب ماري وان برٽن پنهنجي مڙس سان گڏجي هڪ سيڪيورٽي سسٽم تيار ڪيو.

ٻنهي هڪ ڪمري تي ٻڌل ان سسٽم جو پيٽنٽ پنهنجي نالي تي داخل ڪرايو جيڪو گھر جي ٻاهرين حصي کي اسڪين ڪري لائيو وڊيو گھر جي اندر ٽي وي تي موڪليندو هو.

ان سان گڏوگڏ هن ٽو وي وڊيو اوزار به تيار ڪيو جيڪو گھروارن کي در جي ٻاهران موجود ماڻهن سان ڳالهائڻ جي سهولت فراهم ڪندو هو ۽ انهيءَ سان در کوليو ويندو هو.

پير سان کُلندڙ ڊسٽ بن

للين گلبرٽ 1900 جي ڏهاڪي ۾ اهڙيون شيون تيار ڪيون جيڪي آفيس ۽ گھريلو ڪمن ۾ مددگار ثابت ٿينديون هيون.

هن ئي فرجي در جي اندران شيلف جي ڊزائين پيش ڪئي جڏهن ته اهڙي ڊسٽ بن به تيار ڪئي جنهن کي پير سان زور ڏئي کولي سگھبو هو.

ڊسپوز ايبل ڊائپر

1946ع ۾ Marion Donovan نالي عورت هڪ واٽر پروف ڊائپر ڪور ڊزائين ڪيو جنهن جي تياري لاءِ نائيلون پيراشوٽ ڪپڙي ۽ پلاسٽڪ کي استعمال ڪيو ويو.

ان ڊائپر کي 1949ع ۾ متعارف ڪرايو ويو جيڪو ان وقت ته مشهور نه ٿي سگھيو پر 1 ڏهاڪي کان پوءِ هڪ ڪمپني ان جي مدد سان ڊائپرتيار ڪري سڄي دنيا ۾ ان جو استعمال عام ڪري ڇڏيو.

وائٽنر

اڄ ڪلهه ڪاغذ تي لکيل لکت ۾ غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ وائٽنر جو استعمال عام ڪيو ويندو آهي، جنهن کي 1950 جي ڏهاڪي ۾ Bette Nesmith Graham نالي عورت ايجاد ڪيو هو.

اها عورت سيڪريٽري جي طور تي ڪم ڪندي هئي ۽ غلطي ٿيڻ تي ڪاغذ تي ٻيهر ٽائپنگ ڪرڻي پوندي هئي ۽ انهيءَ ڏکيائي کي ڏسندي هن هڪ پينٽ فارمولا پنهنجي نالي پيٽنٽ ڪرايو جنهن سان هوءَ غلطين کي لڪائي ڇڏيندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.