لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ 24 نون چونڊيل ميمبرن مخصوص سيٽن تي حلف کڻي ورتو.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ 29 منٽ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جي صدارت اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ڪئي.
ڳڻپ تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو ڪورم پورو ٿيڻ تي اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ جي دعوت ڏني،
اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي حڪم تي اسيمبلي جي سيڪريٽري پينل آف چيئرز جي نالن جو اعلان ڪيو.
پينل آف چيئر ۾ راڻا منور حسين، سيد علي حيدر گيلاني، غلام مرتضيٰ ۽ محترمه راحيلا نعيم جا نالا شامل آهن، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب ايوان ۾ هڪ سئو چار ميمبر آهن….
Prev Post
Next Post
You might also like