صحافي اسد طور جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد، عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اسد طور جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ صحافي اسد طور جي جسماني رمانڊ تي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ايف آءِ اي پراسڪيوٽر سيشن عدالت ۾ چيو ته پيڪا ايڪٽ موجب 30 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺي سگهجي ٿو، اسد طور جو وڌيڪ جسماني رمانڊ گهربل آهي.
سيشن عدالت جي جج طاهر عباس سپرا سوال ڪيو ته ڇا جڊيشل مئجسٽريٽ اسد طور جو جسماني رمانڊ ڏنو آهي، ان تي ايف آءِ اي پراسڪيوٽر جواب ڏنو ته جڊيشل مئجسٽريٽ جوابدارکي پهريان اوهان جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو چيو.
جج چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ کي چئو ته پننهنجي مائنڊ سان آرڊر ڪري، مان نظرثاني درخواست بابت پنهنجي حساب سان فيصلو ڪندس.
جج طاهر عباس اسد طور جي نظرثاني درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ٻئي پاسي جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته اسد طور وٽان اليڪٽرانڪ ڊيوائسز هٿ ڪرڻيون آهن، جوابدار جو وڌيڪ چار ڏينهن جو رمانڊ گهرجي، سيشن عدالت چيو آهي ته اوهان جسماني رمانڊ تي فيصلو ڪيو.
جڊيشل مئجسٽريٽ ايف آءِ اي جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي اسد طور کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ کين 22 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.