پي ٽي آءِ باني جي خط باوجود آءِ ايم جو وڏو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) تحريڪ انصاف جي باني جي خط باوجود اسٽينڊ باءِ پروگرام جي ٻئي جائزي لاءِ نئين ڪابينا جي جوڙ جڪ کانپوءِ پنهنجو مشن پاڪستان موڪلڻ اعلان ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جيولي ڪوزيڪ چيو آهي ته ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ پنهنجو مشن موڪلڻ لاءِ تيار آهن، موجودا اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ اپريل 2024 ۾ ختم ٿي رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ ايم ايف نئين پاڪستاني حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪابينا ٺهڻ کانپوءِ ٻئين معاشي جائزي لاءِ مشن پاڪستان موڪليندا.
آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جولي ڪوزڪ چيو ته پاڪستان کي اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ تحت هڪ ڏهائي 9 بلين ڊالر مليا آهن ۽ موجودا اسٽينڊنگ انتظامن کي مڪمل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته هو نئين حڪومت سان پاليسين تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن ۽ موجودا اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ اپريل ۾ ختم ٿي رهيو آهي، نگران حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکيو ۽ نگران حڪومت ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رهي.
جيولي ڪوزيڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختيارين سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ سان مالياتي هدفن تي سختي سان عمل ڪيو ويو آهي. توانائي جي شعبي ۾ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ کي بروقت لاڳو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.