محسن نقوي سينيٽ چونڊ وڙهندو، گهرو معاملن جو صلاحڪار بڻائڻ جو امڪان

لاهور( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي موجودا چيئرمين محسن نقوي سينيٽ جي چونڊ وڙهندو.
ذريعن موجب، محسن نقوي کي گهرو معاملن جو صلاحڪار بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي پي سي بي چيئرمين جو عهدو پڻ برقرار رکندو.
واضح رهي ته محسن نقوي موجودا حڪومت ٺهڻ کان اڳ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي جڏهن ته هو هن وقت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ چيئرمين طور ذميورايون انجام ڏئي رهيو هي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.