راکي ساونت جي اڳوڻي مڙس عادل خان شادي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت جي اڳوڻي مڙس عادل خان دراني ريئلٽي شو بگ باس 12 جي اميدوار سومي خان سان شادي ڪري ڇڏي.

عادل پنهنجي شادي بابت ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي تصديق لاءِ انسٽاگرام تي سومي خان سان شاديءَ جون تصويرون شيئر ڪيون.

عادل خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان کي اهو اعلان ڪندي گھڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان سادي ۽ خوبصورت تقريب ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي اسان خدا جا شڪرگذار آهيون، اسان پنهنجي گھرڀاتين ۽ دوستن جي محبت ۽ سهڪار تي سندن قدر ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.