سائنسدانن پاڻيءَ سان ڀريل سيارو دريافت ڪري ورتو

ڪائنات جا راز ڄاڻڻ لاءِ خلا ۾ موڪليل جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ هڪ ٻي حيران ڪندڙ دريافت ڪئي آهي.
جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ اهڙو سيارو دريافت ڪيو آهي جيڪو مڪمل طور تي اونهي پاڻيءَ جي سمنڊ سان ڀريل آهي.
ان دريافت سان زمين کان ٻاهر انسانن جي رهائش جوڳن سيارن جي دريافت ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ جي ڊيٽا سان سياري جي هوام ۾ پاڻيءَ جا بخار، ميٿين ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جا ڪيميائي عنصرن جو انڪشاف ٿيو.
اهو سيارو ڪاٿي ۾ زمين کان ٻه ڀيرا وڏو آهي ۽ 70 نوري سال پري موجود آهي.
برطانوي يونيورسٽي ڪيمبرج ۽ ڪئناڊا جي مانٽريال يونيورسٽي جي محققن ڌار ڌار تحقيقي رپورٽن ۾ جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ جي ڊيٽا جو تجزيو ڪري ان سياري جا تفصيل ٻڌايو.
ڪيمبرج يونيورسٽي جي ماهرن ٻڌايو ته ڪيمرائي مڪسچرسان اهڙي آبي دنيا جو اشارو ملي ٿو جنهن جي سطح مڪمل طور تي ٻڏل آهي جڏهن ته هوا هائڊروجن سان ڀرپور آهي.
هنن ٻڌايو ته ان سمنڊ جو گرمي پد 100 ڊگري سينٽي گريڊ يا ان کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿو، پر اهو واضح نه آهي ته اهو انسانن جي رهائش جوڳو آهي يا نه.
ان کي TOI-270 جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي دريافت سان اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر موجود سيارن جي مشاهدي جي جيمز ويب جي صلاحيت هڪ ڀيرو وري ثابتا ٿي آهي.
ان سياري جي سمنڊ بابت شاهديون امونيا جي عدم موجودگي تي ٻڌل آهي جنهن مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته ان سياري جي ماحول ۾ هائڊروجن جو غلبو آهي.
پر محققن موجب امونيا سولائي سان پاڻي ۾ ڳري ويندو آهي ٿي سگھي ٿو ته اهو هوا بدران سمنڊ ۾ موجود هجي.
پر اتي حالتون بلڪل مختلف آهن.
TOI-270 d جو هڪ رخ سدائين ان جي ستاري ڏانهن رهي ٿو جڏهن ته ٻئي رخ ۾ سدائين اونداهه رهي ٿو، جنهن سان ٻنهي هنڌن جي گرمي پد ۾ تمام گھڻو فرق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.