ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )ايم ڪيو ايم پاڪستان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اختيار وڌيڪ هيٺين سطح تي منتقلي تي قائل ڪري ورتو.
خالد مقبول صديقيءَ جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ اختيارن جي منتقلي بابت ڳالهه ٻول ٿي.
ذريعن موجب، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار بلاول ڀٽو جي سامهون بلدياتي نمائندن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي ڳالهه رکي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فاروق ستار بلاول زرداري سان مڪالمو ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هوته هيٺين سطح تائين اختيارن کي منتقل ڪيا وڃي.
ذريعن موجب، خالد مقبول صديقي بلاول کي اختيار وڌيڪ هيٺين سطح تي منتقلي لاءِ قائل ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته هو پارٽي جي آڏو اختيارين جي وڌيڪ هيٺين سطح تائين منتقلي وارو معاملو رکندو.
ذريعن موجب، بلاول ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ڪي فور سميت ڪراچي لاءِ وڏين رٿائن بابت پنهنجي ڪاوشن جو ذڪر پڻ ڪيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان صدارتي چونڊن ۾ آصف علي زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like