پي ڊي ايم ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، هاڻي اسان مستحڪم آهيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ميثاق معيشت ۽ ميثاق جهموريت وقت جي اهم گهرج آهي.
سينيٽ جي اجلاس ۾ الوداعي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هن ايوان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ايوان جو ڊسپلن هوندو هو، ايوان اندر علامتي احتجاج ته صحيح آهي پر قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان سان سٺو پيغام نٿو وڃي، ايوان جو ٿورو خيال رکڻ گهرجي.
اسحاق ڊار چيو ته 2013ع ۾ ملڪ ڏيوالي جو ويجهو هو هو ان کانپوءِ ن ليگ جي حڪومت آئي، ملڪ جي جي ڊي پي وڌي ۽ مهانگائي گهٽجڻ لڳي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي دنيا جي 24 هين وڏي معيشت قرار ڏنو ويو، اڳڪٿي ڪئي وئي ته ملڪ جي 20 ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي، پوءِ ملڪ کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، ڪنهن جي سازش هئي؟ مان ان سازش جو ”پروجيڪٽ 2011“ چوندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته مان نه چوندس ته ڪنهن غلط ڪم ڪيو آهي ته ان کي معاف ڪري ڇڏيو، پاڪستان خلاف سازش آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڪيو وڃي، الله نه ڪري اِهو ڏينهن اچي جڏهن ڪير پنهنجي شرطن تي اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته 13 جماعتن ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، هاڻي اسان مستحڪم آهيون، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ نه ڄاڻ ڪيترا سال لڳندا، پاڪستان جي ترقي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.