ڪنڌڪوٽ : ڌاڙيلن ڀُنگ نه ملڻ تي شڪارپور واسي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،لاش رکي ڌرڻو

شڪارپور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ذوالفقار مگسي+ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جا ڏوھاري وحشي بڻجي ويا، ڪجھه ڏينهن اڳ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ٻن نوجوانن محمد رافع سميجو ۽ جاويد شيخ کي اغوا ڪيو ويو ٻنھي پورھيتن تي بي رحم ڏوھاري تشدد ڪري وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو ويو، مغوين جي وارثن کي ڏوھاري ڀنگ نه ڏيڻ تي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رھيا ھڪ ڪروڙ ڀنگ گھري وئي،ڌاڙيل پيسا نه ملڻ  تي  شڪارپور واسي نوجوان محمد رافع سميجو تي بي رحماڻو تشدد ڪري قتل  ڪري لاش غوثپور لڳ بي ايس فيڊر وٽ اڇلائي ھليا ويا، صبح جو علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي مغوي جو لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارراوئي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو،  مغوي پورهيت جو لاش سندس وارث شڪارپور کڻائي پهتا ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، اطلاع ملڻ تي هزارين شهري فوتي پورهيت جي تڏي تي پهچي ويا،  جنازي نماز ۾ ڪنهن به سرڪاري اعلي عملدار ۽ چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي،  وارثن ۽ هزارين شهرين پاران جماڻي هال چونڪ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيون ويو،  جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي،  جڏهن ته  آل شڪارپور مڪينڪ ايسوسيئيشن پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سندن دوڪان بند رهيا، ان موقعي تي مظاهرين سان ڳالهائيندي فوتي پورهيت جي وارثن عبدالواسع سميجو، ياسر سميجو، حفيظ سميجو، جبار سميجو،  شهرين سميع بلالي،  عمران منگي،زڪرياپهوڙ، جي يو آءِ اڳواڻ عبدالرزاق عابد لاکو، عبدالفتاح مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيوته شهرين جي جان ۽ مال غير محفوظ بڻيل آهي ڪچي جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل سڄي رياست کان زور آوور ٿي سرعام هاءِ ويز تي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن،مقتول جي وارثن چيوته ڌاڙيلن آخري ڏهاڙي 8لک ڀنگ گهريو پر نه ڏئي سگهياسين پوليس  ڪوڙا دلاسا ڏيندي رهي پر ڪابه مدد نه ڪئي وئي،  هنن چيوته گذريل رات ڌاڙيلن لاش جا به پئسا گهرياپر غربت سبب پئسا نه ڏيئي سگهياسين،  مظاهرين آرمي چيف آءِ جي سنڌ وزير داخلا سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيوته فوري طور ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.