حيدرآباد ۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي ٻه ڀائر زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد  لطيف آباد يونٽ نمبر 11 جي ايوب ڪالوني ۾ جبران نالي شھري جي گھر ۾ ٽن ھٿياربندن داخل ٿي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران گهرڀاتين دانھون ڪيون دانهن تي پاڙي وارا پھچي ويا، جن جي اچڻ تي ٻه ھٿياربند موٽرسائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا، جڏھن ته ھڪ ھٿياربند کي پاڙيسرين گھيري ورتو، ھٿياربند فرار ٿيڻ جي  ڪوشش ڪندي فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ گھرڌڻي جبران پيٽ ۾ گولي لڳڻ ۽ سندس ڀاءُ فرمان ھٿ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، شھرين گھيرو تنگ ڪري هڪ ھٿياربند کي پڪڙي ورتو، جنھن کي مارڪٽ ڪري رتورت ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ اي سيڪشن پوليس کي گھرائي هٿياربند پوليس حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن زخمي ٿيل ڀائرن کي علائقي واسين کڻائي ڀٽائي اسپتال پهچايو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد انھن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته پڪڙيل ھٿياربند پنھنجو نالو رياض پٽ نياز اوڏ ٻڌائي پيو کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. نرسري کان ٽئين درجي جي شاگردن کي بنا امتحان پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ نرسري کان ٽين درجي جي شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ  جي  تعليم کاتي جي  نئين سال جو شيڊول تيار ڪري ورتو، جنهن  مطابق اسڪول ۽ ڪاليج جو تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته نرسري کان ٽين درجي تائين شاگردن کي بنا امتحان پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  شيڊول مطابق چوٿين کان اٺين درجي جا امتحان 15 کان 27 اپريل تائين ٿيندا، نائين ۽ ڏهين درجي جي بورڊ جا امتحان مئي ۾ ورتا ويندا، يارنهين ۽ ٻارنهين درجي جا امتحان مئي جي آخري هفتي ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي مئٽرڪ جي نتيجن جي اعلان 31 جولاءِ تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته انٽر جي نتيجن جو اعلان 31 آگسٽ تائين ڪيو ويندو، امتحان ۾ 20 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 40 سيڪڙو ڪنسٽرڪٽڊ ۽ 40 سيڪوڙ ايڪسٽنٽڊ سوال ڏنا ويندا، سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾اونهاري جو موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين ٿينديون، جڏهن ته  سياري جو موڪلون 21 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.