حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ نوجوان وڪيل جوابدار پسٽل جا فائر ڪري قانون جي شعبي جي شاگردن ٻن ڀيڻ ڀائرن کي گوليون هڻڻ بعد پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو, نوجوان ڇوڪري ٿڏي تي فوت وئي, جڏهن ته سندس ڀاء کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو, واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ نوجوان ڀاء ۽ ڀيڻ جا وارث ۽ وڪيل اسپتال پهتا، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ به سول اسپتال پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. قاسم آباد جي نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد نقاش ولاز ۾ واري علائقي ۾ ڪاليج مان پيپر ڏئي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي گهر ويندڙ قانون جي شعبي جي سيڪنڊ ايئر جي شاگرد 23 ورهين جي آغا آڪاش پٺاڻ ۽ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي سندس ڀيڻ 21 ورهين جي يسرا بتول تي ڪار ۾ سوار هڪ نوجوان نقاش ولاز واري علائقي ۾ ئي پسٽل جا فائر ڪيا, جوابدار ٻنهي ڀاء ۽ ڀيڻ جو پيڇو ڪري رهيو هو, جوابدار پهريان سندن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو ۽ جنهن تي ٻئي ڀيڻ ڀاء گلي ۾ موٽرسائيڪل تان ڪري پيا، جنهن دوران جوابدار ارشاد کوکر ڪار مان لهي ڀيڻ ڀاءُ کي پسٽل جون گوليون هنيو ۽ پاڻ واپس ڪار جي ڊرائيورنگ سيٽ تي ويهي پسٽل سان پاڻ کي لونڊڙي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب گچي ۽ مٿي ۾ 3 گوليون لڳڻ سبب شاگردياڻي يسرا بتول موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ سندس ڀاءُ آڪاش شديد زخمي ٿي پيو, جڏهن ته پاڻ کي گولي هلندڙ جوابدار ارشاد کوکر موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي نوجوان ۽ فوتين جي لاشن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن ڀاء ۽ ڀيڻ تي گوليون هلائيندڙ آپگهات ڪندڙ جوابدار ارشاد کوکر ۽ مقتولڻ يسرا بتول پٺاڻ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته زخمي آغا آڪاش پٺاڻ کي آئي سي يو ۾ داخل ڪيو ويو, نوجوان آڪاش پٺاڻ جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي, هي خبر رپورٽ ڪرڻ تائين هو وينٽليٽر تي منتقل ٿيل هو. ھوڏانھن واقعي بعد نوجوانن جا وارث توڙي وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ سول اسپتال پهتا. پوليس واقعي جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ به سول اسپتال ۾ قانوني معاملن ۽ پوسٽ مارٽم جي حوالي سان جائزو ورتو، ان دوران ميڊيا سان واقعي بابت ايس ايس پي ڳالهائيندي چيو ته هن افسوس ناڪ واقعي جي جاچ لاءِ اي ايس پي بلديا راڻا دلاور جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڊي ايس پي قاسم آباد، سي آئي اي انچارج ۽ نسيم نگر جي ايس ايڇ او کي شامل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي واقعي جي ڪارڻ بابت پڇيل ان سوال ته ڇا نوجوان ارشاد کوکر مقتولڻ سان تعلق رکڻ ڪوشش ۾ هو, جنهن جي ڪري هي واقعو پيش آيو آهي؟ جنهن تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته اهڙي ڪا به شڪايت پوليس وٽ يا بار ايسوسيئيشن کي نه ملي هئي، باقي وڌيڪ جاچ ٿيڻ کانپوءِ ئي حقيقتون سامهون اينديون. هن چيو ته واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪار ۽ پسٽل پوليس تحويل ۾ وٺي واقعي واري هنڌ تان ٻيون شاهديون گڏ ڪيون آهن. جڏهن ته پوليس پاران فوتين جا پوسٽ مارٽم ڪرائي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي پئي وئي. هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته آپگهات ڪندڙ جوابدار ارشاد کوکر يسرا تي شادي ڪرڻ جي دٻاء وجهي رهيو هو، مائٽن جي رضامندي کانسواءِ شادي ڪرڻ کان انڪار تي جوابدار ارشاد کوکر اهڙو قدم کنيو، جوابدار به وڪيل هو، جڏهن ته اهڙي معاملي بابت ڪا تصديق نه ٿي سگهي هئي.
-
نوجوان ڀاءُ ڀيڻ تي حملي سبب سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل
حيدرآباد: سوشل ميڊيا تي وڪيل ڀيڻ ۽ ڀاء مٿان فائرنگ ڪري جوابدار پاران آپگهات ڪرڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ڪيتريون متضاد ڳالهيون ڪيون ويون, واقعي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ يا جاچ ڪرڻ بنا ڪيترن ئي ماڻهن انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي راءِ ڏني, جنهن تي بحث پڻ ٿيندا رهيا.
-
يسرا بتول ۽ ارشاد جا لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي
حيدرآباد: حيدرآباد پوليس ترجمان موجب مقتولا آغا يسرا بتول ۽ قاتل ارشاد جا لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. مقتولا يسرا بتول جو لاش سندس ڀائرن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙھ قاسم آباد رھائشگاھه تي کڻائي ويا، جتي علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڊوڙي وئي. جڏھن تہ قاتل ارشاد جو لاش سندس وارثن وصول ڪيو.
-
واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به سامهون اچي ويا
حيدرآباد: واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ هلندڙ وڊيوز ۾ ڏٺو پيو وڃي ته جوابدار ارشاد کوکر ڪرولا ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي مرده حالت ۾ پيل آهي ۽ کيس پاتل پيٽ شرٽ رتوت هئي، نوجوان آڪاش پٺاڻ کي زخمي حالت ۾ گاڏي ۾ کنيو پئي ويو, جڏهن ته آغا يسرا پٺاڻ هڪ گهر جي ٻاهران ٺهيل دڪي تي پيل نظر اچي ٿي. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به سامهون اچي ويا آهن, جنهن ۾ ڪرولا ڪار کي ايندي ڏٺو ويو آهي ۽ اتان گذرندڙ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل فائرنگ ٿيڻ کانپوءِ واپس موٽندي نظر اچن ٿا. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ارشاد کوکر, آڪاش پٺاڻ ۽ سندس ڀيڻ يسرا پٺاڻ قانون جي شعبي جا شاگرد هئا. ڪالهه ڀاء ۽ ڀيڻ ڪاليج مان واپس موٽرسائيڪل تي پنهنجي گهر اچي رهيا هئا ته روپا ماڙي لڳ نڪاش ولاز ڏانهن ويندڙ گلي ۾ پويان ڪرولا ڪار ۾ سوار جوابدار ارشاد کوکر کين ٽڪر هڻي ڪيرايو ۽ بعد ۾ فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
-
ارشاد کوکر نياڻي کي تنگ ڪندو هو: والد آغا رياض پٺاڻ
حيدرآباد: قتل ڪيل شاگردياڻي يسرا بتول ۽ زخمي نوجوان آغا آڪاش پٺاڻ جو والد آغا رياض پٺاڻ ايڪسائيز پوليس جو رٽائرڊ انسپيڪٽر آهي, ڪجهه سال اڳ ئي هو رٽائرڊ ٿيو هو. رياض پٺاڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار ارشاد کوکر منهنجي نياڻي کي تنگ ڪندو هو, منهنجي نياڻي پڙهائي تي ڌيان ڏئي رهي هئي، هوء انتهائي ڏاهي ۽ سمجهدار هئي، ارشاد کوکر منهنجي نياڻي يسرا کي تنگ ڪرڻ واري معاملي تي مونکان هڪ ڀيرو معافي پڻ وٺي چڪو هو، پر ان کانپوءِ هاڻ هن ان قسم جو قدم کنيو.
-
ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ايل ايل بي سيڪنڊ ايئر جا شاگرد هئا
حيدرآباد: يسرا بتول ۽ سندس ڀاء آڪاش سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ قانون جي شعبي جو شاگرد آهن, آڪاش پٺاڻ هڪ سال اڳ ئي ڪراچي جي همدرد يونيورسٽي مان ٽي سي ڪرائي آيو هو. ٻئي ڀيڻ ڀاءِ ايل ايل بي سيڪنڊ ايئر جا شاگرد هئا, سندن اصل تعلق لاڙڪاڻي جي علائقي مراد واهڻ سان هو ۽ ڪيترن سالن کان هو قاسم آباد جي نقاش ولاز واري علائقي ۾ سڄي خاندان سميت رهندڙ آهن.