سنڌ ۾ گهٽ آمدني وارن لاءِ رمضان پئڪيج، 5، 5 هزار رپيا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 22.5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان ذريعي ماهوار آمدني 32 هزار کان 35 هزار رپيا ڪمائنيدڙ 60 سيڪڙو ڪٽنبن جي مدد ڪرڻ آهي  جڏهن ته گهٽ آمدني وارن خاندانن کي بينڪن ذريعي 5000 روڪ رقم پڻ ڏني ويندي جنهن جو فيصلو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. ان دوران وڏي وزير سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو اڄ کان ذخيره اندوزن ۽ منافع خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري رپورٽ پيش ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير رمضان پيڪيج ۽ اگهن جي ڪنٽرول سميت ٻين انتظامن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري زراعت اعجاز شاهه، سيڪريٽري خوراڪ ناصر عباس سومرو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ڪراچي جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ايس ايس جي سي جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ٻڌايو ته صوبي ۾ 45 لک مستحق خاندان آهن جيڪي 32 هزار کان 35 هزار رپيا ماهوار يا ان کان گهٽ ڪمائي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته اهي خاندان آبادي جو 60 سيڪڙو آهن جڏهن ته اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي 5 هزار رپيا رمضان پيڪيج طور ڏنا وڃن جنهن لاءِ سبسڊي جي ٽوٽل امڪاني رقم 22.5 ارب رپيا بڻجي ٿي.  وڏي وزير چيو ته گذريل رمضان ۾ 15.5 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو ويو هو. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند خاندانن جو انگ معلوم ڪري ته جيئن ڪوبه محتاج نه رهي. مراد علي شاهه 22.5 ارب رپين جي ورهاست بابت بئنڪن سان ڳالهائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪن. کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي برقرار رکڻ کان علاوه طلب ۽ رسد ۾ توازن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن قيمتون ڪنٽرول ۾ رهن. مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت کي هدايت ڪئي ته هو هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ مختيارڪار کي پنهنجي نمائندي طور سبزي منڊي ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي خريد و فروخت جي وقت موجود رهڻ لاءِ موڪليو ۽ ان مطابق ريٽ جاري ڪن. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي پوليس کي هدايتون ڏين ته هو اگهه ڪنٽرول مهم دوران ذخيره اندوزن ۽ منافع خورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪن. وڏي وزير ڪراچي اليڪٽرڪ، حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني کي هدايت ڪئي آهي ته افطار ۽ سحري دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ کين درخواست ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ دوران گهريلو صارفين کي گئس جي بندش کان ڇوٽ ڏني وڃي. زڪوات کاتي کي هدايت ڪئي ته 110,000 رجسٽرڊ خاندانن کي في گهراڻو 14 هزار رپيا رهائشي الائونس جاري ڪيو وڃي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ غريبن جي مدد لاءِ سڀني کي پرائيويٽ سيڪٽر ۽ سرندي وارن کي اڳتي اچڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سڄي دنيا ۾ شين جا اگهه گهٽجي ويندا آهن پر پاڪستان ۾ ڄاڻي واڻي اگهه وڌايا ويندا آهن. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ سڀني کي غريبن جي واهر لهڻ گهرجي. مراد علي شاهه انتظاميا کي خبردار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڪنهن به وقت شهر جو اوچتو دورو ڪندو ۽ مارڪيٽ ۾ ميون، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي اگهن، معيار ۽ دستيابي جو جائزو وٺندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.