8 مارچ: عورتن جو عالمي ڏهاڙو : ايس پي ايڇ ايف عورتن جي خودمختياريءَ لاءِ پرعزم

اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ هر نئين اڀرندڙ سج سان گڏ ان ڳالهه جي اهميت ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي ته ڪنهن به ملڪ، رياست يا قوم جي حقيقي ترقيءَ جو سفر عورتن جي شرڪت کانسواءِ اڻپورو آهي ۽ زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ عورتن کي موقعا فراهم ڪري کين بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ سڀ کان اهم عمل آهي.

سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري عمل جي اهميت کي سامهون رکندي پنهنجي قيام واري ڏينهن کان ئي ٻوڏ متاثر علائقن جي بي سهارا ۽ مايوس عورتن، جن ۾ بيواهه، پيرسن ۽ معذور عورتون پڻ شامل آهن، سڀني کي پاڻڀرو ۽ بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن وقت تائين سروي ذريعي 8 لک عورتن کي بينفشري قرار ڏنو ويو آهي. بينيفشري قرار ڏنل عورتن کي سڀ کان پهرين زمين جا مالڪاڻا حق فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي کان ڪيو، جتي 5 هزار عورتن ۾ سندون ورهايون ويون. اهو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻوڏ متاثر عورتن جي نالي تي بينڪ اڪائونٽس کوليا پيا وڃن ۽ هيستائين ڏيڍ لک عورتن کي نوان گهر ٺهرائڻ لاءِ رقم به فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رهيل عورتون به جلد پنهنجي گهرن جي اڏاوت شروع ڪنديون.

زمين جا مالڪاڻا حق ملڻ تي ٻوڏ متاثر عورتن پاران ڀرپور خوشيءَ جو اظهار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايس پي ايڇ ايف تحت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. متاثر عورتن جو چوڻ آهي ته زمين جا مالڪاڻا حق ملڻ کانپوءِ کين پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو خودمختيار هجڻ جو احساس ٿيو آهي، ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارو عمل ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندن تعلق غريب ڪٽنبن سان آهي، ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل گهرن جي نئين سر اڏاوت کين هڪ ناممڪن عمل محسوس ٿيندو هو پر ايس پي ايڇ ايف جي پروگرام تحت هنن نه رڳو نوان گهرٺهرايا، گڏوگڏ زمين جا مالڪاڻا حق به حاصل ڪري ورتا، ان قدم سان هنن لاءِ خودمختياري ۽ خوشحاليءَ جون نيون راهون کليون آهن.

ايس پي ايڇ ايف پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ عورتن لاءِ هنري سکيا تي ٻڌل پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين اڏاوتي فن جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ شروعاتي طور 2 هزار عورتن جي سکيا جو عمل هلندڙ آهي، جنهن کانپوءِ اهي ڪاريگر عورتون گهرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪري هڪ نئين تاريخ لکنديون، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ عورت ڪاريگرن جو تصور ڪٿي به موجود نه هو پر ايس پي ايڇ ايف جي پليٽ فارم تان ناممڪن کي ممڪن بڻايو پيو وڃي.

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن کي وڌ ۾  وڌ ترجيح ڏئي کين بااختيار بڻائڻ سموري معاشري لاءِ هڪ هاڪاري ۽ انقلابي عمل ثابت ٿئي پيو. ايس پي ايڇ ايف جي ان عمل وسيلي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي عورتن کي خودمختيار بڻائڻ واري ويين جو پورائو پڻ ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران عورتن جي ترقي توڙي خوشحاليءَ لاءِ کنيل قدمن جي روشنيءَ ۾ هاڪاري نتيجا پڻ سامهون اچي رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.