ڪراچي ۽ سامونڊي پٽيءَ تي وفاقي ڪنٽرول جو منصوبو، ٿر ۽ قدرتي وسيلن کي به اختيار ۾ آڻڻ جي تياري

ڪراچي (عوامي آواز نيوز: عدنان هاشمي) ذريعن موجب ملڪ جي بااثر حلقن هڪ اهڙو جامع منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان جي سڄي سامونڊي پٽي کي وفاقي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. منصوبي تحت سنڌ ۾ ڪراچي، ٺٽي، ڪيٽي بندر، سجاول جا ڪي علائقا، بدين جي سامونڊي پٽي، جڏهن ته بلوچستان ۾ لسٻيلو، حب، وندر، گڊاني، ڪنڊ ملير، دَم، اورماڙا، پسني، گوادر، جيوڻي، سر بندر ۽ بولان شامل هوندا. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان منصوبي ۾ ٿر جو علائقو به شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن تيل، گئس ۽ معدنيات سميت سمورا قدرتي وسيلا وفاق جي سڌي نگراني ۾ هجن ۽ هي علائقو ”وفاقي اقتصادي زون“ يا ”اسٽريٽجڪ اقتصادي بيلٽ“ جي شڪل اختيار ڪري سگهي.
ذريعن موجب بااثر شخصيتون ان ڳالهه تي ناراض آهن ته مبينا ڪرپشن ۽ صوبن کي مالي خودمختياري ملڻ باوجود مقامي حڪومتن کي ان جو حصو نه ملڻ سبب ڪراچي بدترين مسئلن جو شڪار رهيو. اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ پي ايف سي ۽ ڊي ايف سي ايوارڊ جاري نه ٿيڻ سبب شهر ۾ محرومي ۽ بدنظمي ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ سياسي ڇڪتاڻ حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ بدنظمي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ وڏي رنڊڪ آهي.
ڪاروباري حلقا به پيپلز پارٽيءَ کان ناراض ٿي پنهنجون شڪايتون سڌو آرمي چيف تائين پهچائي چڪا آهن ۽ ڪجهه حلقا خبردار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته ڪراچي ٻيهر افراتفريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جيڪو معيشت لاءِ نقصانڪار هوندو.
بلوچستان جي صورتحال به ان منصوبي کي هٿي ڏئي رهي آهي. بدامني سبب سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ مان گهربل معاشي فائدا حاصل نه ٿيڻ تي طاقتور حلقن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. چين کي بلوچستان ۾ دهشتگردي بابت شديد خدشا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪي صدر پاران پاڪستان ۾ تيل جي ذخيرن بابت بيان ان منصوبي کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي. ماهرن موجب هيءَ دعويٰ زميني سروي ۽ امڪانن تي ٻڌل آهي، نه ڪي ڪنهن ثابت ٿيل واپاري ذخيري تي، بهرحال بلوچستان سميت چئن ئي صوبن ۾ تيل جي ڳولا جاري آهي ۽ اهي قدرتي وسيلا وفاقي ڪنٽرول جي حق ۾ هڪ مضبوط دليل فراهم ڪري سگهن ٿا.
ذريعن موجب ان مقصد لاءِ ٻه وڏا آپشن غور هيٺ آهن. پهريون، هڪ نئون انتظامي يونٽ قائم ڪري ان کي ”وفاقي علائقو“ قرار ڏيڻ، جنهن لاءِ آئيني ترميم ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي منظوري ضروري هوندي، پر قومپرستن جي سخت مخالفت ۽ لساني ڇڪتاڻ جي خدشن سبب اهو رستو پيچيده سمجھيو پيو وڃي. ٻيو، ”ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اينڊ سيڪيورٽي اٿارٽي“ جهڙو هڪ بااختيار ادارو قائم ڪرڻ، جيڪو آئيني ترميم کانسواءِ هوريان هوريان وفاقي ڪنٽرول قائم ڪري سگهي.
وفاقي ڪنٽرول جا آثار موجوده سياسي منظرنامي ۾ به ظاهر ٿي رهيا آهن. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، فاروق ستار ۽ آفاق احمد جا لساني نوعيت جا بيان ۽ مختلف سياسي جماعتن جي عهديدارن تي ٻڌل ”ڪراچي ري اسٽوريشن موومينٽ“ نالي اتحاد جون سرگرميون، جيڪي نه رڳو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن پر سنڌ حڪومت کي 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين به ڏئي چڪيون آهن، اهي سڀ معاملا ان ئي وڏي اسڪرپٽ جو حصو لڳن ٿا.
ان دوران، ڪراچي جي مقامي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ميئر مرتضيٰ وهاب اسلام آباد ۾ وڌيڪ وقت گذاري ٿو ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا تي يوسي سطح جي ترقياتي منصوبن جي مشهوري ڪندي نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽيءَ جا پنهنجا سٽي ڪائونسل جا ميمبر به ميئر تائين پهچ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا آهن، ايتري تائين جو پارٽي حلقن ۾ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد کي ميئر بڻائڻ جا به چرچا ٿي چڪا آهن. هن طرزِ حڪمراني شهر ۾ بي اعتمادي ۽ بيچيني کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، جيڪو وفاقي ڪنٽرول جي بيانيي کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيو آهي.
ذريعن جي دعويٰ آهي ته هي فيصلا ايس آءِ ايف سي تحت ئي ڪيا ويا آهن، جنهن جو قيام سيڙپڪاريءَ جون رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي، يعني مختلف سرڪاري ادارن جي پيچيده طريقيڪار کي گهٽائي سيڙپڪارن لاءِ هڪ ”ون ونڊو آپريشن“ فراهم ڪرڻ. هن ڪائونسل ۾ پاڪ فوج جا نمائندا به شامل آهن ته جيئن سيڙپڪاري منصوبن ۾ سيڪيورٽي ۽ تيز فيصلا يقيني بڻايا وڃن. هن ڪائونسل جو سربراهه وزيراعظم آهي ۽ شريڪ سربراهه آرمي چيف آهي. ميمبرن ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير، صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ فوج جا اعليٰ آفيسر به شامل آهن. واضح رهي ته تيل، گئس، معدنيات، سامونڊي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ انفراسٽرڪچر جا منصوبا به ايس آءِ ايف سي جي اختيارن جي دائري ۾ اچن ٿا.
ذريعن اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي به هن سموري معاملي کان چڱيءَ طرح واقف آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ۽ ڪجهه ٻيون سياسي جماعتون عوامي سطح تي هن منصوبي جي مخالفت جو اعلان ڪنديون، پر انهن جي عملي مزاحمت ڪمزور ۽ غير اثرائتي هوندي.
حتمي فيصلو اڃا واضح ناهي ته بلوچستان کي ان منصوبي ۾ شامل ڪيو ويندو يا نه، پر موجوده حالتن کي ڏسي ظاهري طور لڳي ٿو ته ڪراچي کي وفاقي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي تياري پنهنجي عروج تي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ هن منصوبي جا تفصيل وڌيڪ وائکا ٿيڻ جا امڪان آهن.
پر اهو به واضح آهي ته هي منصوبو ڪنهن به صورت ۾ آسانيءَ سان ممڪن ٿيندي نظر نٿو اچي، ان تي سنڌ مان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ حڪومت ۽ وفاق خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي سگهن ٿا. سنڌ جنهن طريقي سان ٻٻرلوءِ ۾ پرامن طريقي سان اثرائتو احتجاج ڪري پنهنجا مطالبا مڃرايا، ساڳي سنڌ هن منصوبي اڳيان هڪ ڀت بڻجي بيهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.