شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين جو احتجاج

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي گيلري ۾ صحافين جو شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين جو سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج،  نعريبازي ۽ واڪ آئوٽ، پ پ قيادت  قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪو به ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صحافين ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي  وحيد راڄپر، غازي جھنڊير، عاجز جمالي، اڪرم بلوچ،حميد سومرو، قاضي آصف، قاضي حسن ۽ ارباب چانڊيو جي اڳواڻي ۾  جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ صحافي اسد طور جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي  اجلاس جي ڪوريج کان واڪ آئوٽ ڪيو ويو، ان دوران اسپيڪر جي هدايت تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شرجيل انعام ميمڻ ،ناصر شاھ،ضيا۽ لنجار  ۽ ٻين پريس گيلري پھچي احتجاج ڪندڙ صحافي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صحافي وحيد راڄپر چيو ته جان محمد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو قاتل شھيد جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن،  قتل ڪيس لاءِ 3 جي آءِ ٽيز ٺهيل آهن پر 7 مهينن تائين ڪو به اجلاس نه ٿيو آهي، ان تي پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائيندي چيو ته  شهيد صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو ، وارثن کي ملندڙ ڌمڪين جي خبر نه هئي، ان معاملي تي ڊي آءِ جي سکر سان رابطي ڪري سيڪيورٽي جو مسئلو به حل  ڪرايون ٿا، هن چيو ته  مان شهيد صحافي جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٽائيم فريم نه ڏيندس پر قاتل ڪٿي به هجن هر صورت ۾ قاتل گرفتار ٿيندا،  هن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ، ولي بابر سميت ٻين صحافين جا قاتل به پيپلزپارٽي جي حڪومت گرفتار ڪيا ۽ جان محمد مھر جا قاتل به اسان حڪومت گرفتار ڪندي،  چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري به شهيد صحافي جي وارثن وٽ پهتو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.