اسلام آباد(م ڊ)سينئر تجزئي نگار نصرت جاويد چيو آهي ته ملڪ جي عدالت ذوالفقار علي ڀٽي کي مليل ڦاھي تھ غلط قرار ڏني پر ان سان انصاف نھ ٿيو. اھو 5 سيڪڙو رڪارڊ درست ٿيو آھي.نصرت جاويد موجب، ان معاملي ۾ ضرور اھا رٿا ڪٿي تھ جڙي ھوندي، تھ ڀٽي کي ان الزام ۾ ڦاسائڻو آھي،ھن کي ڦاھي تائين آڻيندڙ ماڻھو ۽ ڪردار ڪير ھئا، انھن جي بھ نشاندھي ٿيڻ گھرجي.انھن کي وائکو ڪرڻ گھرجي ھا.انھن جو نالو کنيو وڃي.نصرت جاويد جو چوڻ ھو تھ ڀٽي سان ڪا ھڪ نھ پر گھڻيون ئي زيادتيون ٿيون ھيون.ھن جو چوڻ ھو تھ اھو صدارتي ريفرنس ڊاڪٽر بابر اعواڻ تيار ڪيوھو.ھاڻوڪي فيصلي سان ھڪ راويت بڻي آھي،ان ڪر ي ھو اميد ٿو ڪري تھ شھبازشريف بھ نوازشريف جي نااھلي واري ڪيس ۾ ھڪ اپيل داخل ڪرائيندو،تھ اسان سان بھ ھڪ ناانصافي ٿي ھئي مھرباني ڪري ان کي بھ درست ڪيو وڃي.جنھن جا ڪردار تھ اڃان بھ موجود آھن.