پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. لڪي مروت جي دارا پيزو مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. لڪي مروت پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار جوابدار ٽريفڪ اهلڪارن تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا،
جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد اهلڪار جو لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب فرار ٿيل دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.