تازو اهي خبرون ملي رهيون آهن ته آءِ ايم ايف اداري چونڊيل نئين حڪومت تي تمام زور ڀريو آهي ته هو جي ايس ٽي فيصد وڌائي ۽ خاص طور کاڌ خوراڪ جو شيون مهانگيون ڪري هاڻي خبر نٿي پوي ته ملڪ جا حڪمران آخر آءِ ايم ايف اداري اڳيان ايترا بيوس ۽ لاچار ڇو بڻجي ويا آهن نه ئي اسانجي حڪمرانن کان ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي پئي نه وري آءِ ايم ايف جو قرض لاهي سگهن پيا آخر اهي ڪهڙا معاهدا ڪيل آهن جو انهن کي عوام کان لڪائي حڪمران اهي پورا ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي صورت ۾ حڪمرانن کي قرض ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف پاران ملڪ اندر نوان ٽيڪس لڳائڻ ۽ وڏي مهانگائي وڌائڻ جو شرط رکيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو نئون طوفان کڙو ٿيڻ وارو آهي ۽ مٿان بابرڪت مهيني جي آمد ٿي رهي آهي جنهن لاءِ غريب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 65 ارب مختص ڪيا آهن ته مٿان بجلي صارفين لاءِ نئون ڏمر پيدا ڪندي بجلي في يونٽ 7 رپيا مهانگي ڪري 66 ارب رپيا ڪڍڻَ لاءِ بجلي صارفين تي بار وجهي ڇڏيو آهي ان سان گڏو گڏ کاڌ خوراڪ جون ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿيڻ واريون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن جنهن جو بار به غريب عوام جي ڪلهن تي ڪرڻ وارو آهي.
هڪ طرف حڪومت ۽ سندن ذميوار اختياريون معيشت جي بهتري جي دعويٰ ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف عام استعمال جي شين جا اگهھ انهيءَ تيزي سان وڌي رهيا آهن جيڪي عوام جي پهچ کان ئي پري ٿي ويا آهن کنڊ، اٽو گيهھ، چانور داليون سبزيون گوشت مڇي جا اگھه منافعي خورن آسمان سان لڳائي ڇڏيا دڪاندار توڙي واپاري ايترا ته بااختيار ٿي چُڪا آھن جو سرڪاري حُڪمن تي سندن ڪنن تي جونء به ڪان ٿي چُري مهانگائي کي قابو ۾ رکڻ ۽ عوامي کي رليف ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽورز کليل مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر متبادل آهن پر ٻين سرڪاري ادارن يا کاتن وانگر انهن جي ڪارڪردگي به ڪا اهڙي سٺي ناهي جو انهن مان عوام کي فائدو ملي سگهي جتي به يوٽيلٽي اسٽور کليل هئا انهن کي هڪ سازش تحت يا ته بند ڪيو ويو آهي, اگرچ کليل آھن به ته انهن تي کاڌي پيتي جا اهم ائٽم غير معياري هئڻ سبب غريب عوام ساڳيو مارڪيٽن منجهان شيون مهانگي اگھه تي خريد ڪن ٿا انهيءَ جو هڪ سبب بدانتظامي به آهي ته ٻيو اهو الزام به لڳايو ويندو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميا کليل مارڪيٽن جي واپارين يا دڪاندارن سان ملي ڪري هٿ سان اهي شيون غائب ڪري ڇڏيندي آهي جيئن عوام وري به انهي کليل مارڪيٽن مان خريداري ڪرڻ تي مجبور هجي پهرين ته عوام کي خوف هوندو هو ته مهانگائي صرف تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب اچي ٿي پر هاڻي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي يا نه ٿئي پر مهانگائي جي اگهن ۾ ڪوبه لاٿ اچڻ ناممڪن ٿي ويو آهي هٿ جي مهانگائي غريب عوام کان پيٽ جو گرهه به کسي ڇڏيو آهي .